سمونڊ سائين جو عرس، عقيدت مندن پاران ڀيٽا پيش

سمونڊ سائين جو عرس، عقيدت مندن پاران ڀيٽا پيش

ٽنڊو محمد خان )مظفر علي بروهي(سنڌ جي صوفي بزرگ حضرت   شيخ ڀرڪيو آچاري سمونڊ سائين جو ساليانو558 عرس مبارڪ  شيخ ڀرڪيو ۾ ٿي گذريو,عرس جو افتتاح گادي نشين ميان اعجاز علي شيخ سهروردي ۽ ايم پي اي اعجاز شاھ بخاري مزار تي چادر  چاڙهي ڪيو,جڏهن ته سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمندن مريدن ۽ پانڌيئڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته پانڌيئڙن لاء کاڌي پيتي جا اسٽال ۽ مٺائين جا دوڪان پڻ لڳايا ويا، ان موقعي تي درگاھ شيخ ڀرڪيو آچاري ۾ عيد ميلادالنبي ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پوري سنڌ مان  علماء اڪرام۽ مشهور نعت خوان شرڪت ڪئي,عالم ضمير حسين شاھ جيلاني,ميان اعجازعلي شيخ سهروردي, منظورحسين مشهوري احمدبلاولي ,پيرعارف علي شاھ ۽ ٻين عالمن  ٻنهي جهانن جي سردار نبي ڪريم صلعم جي سموري زندگي تي روشني وڌي۽ فرمايون ته عالم انسانيت ۾ سندن مثال نٿوملي,پاڻ مسڪينن بي سهارا ۽يتيمن جو ڀرجهلوهوندا هئا,پاڻ دين اسلام جو پوري دنيا ۾ ڦهلا ڪري حق جو پرچم بلند ڪيو, هنن چيو حضرت محمدمصطفي صلعم جي اچڻ کانپوء دنيا ۾ جهالت ختم ٿي, پاڻ سڳورن جي سموري زندگي اسان لاء مشعل راه آهي جنهن تي عمل ڪري ڪامياب زندگي گذاري سگهون ٿا,جڏهن ته تقريب ۾ سجاده نشين ميان اسد شيخ,ميان سجاد شيخ ۽ٻيا شريڪ ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو