سموري دنيا ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام ڊائون،صارف پريشان

سموري دنيا ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام ڊائون،صارف پريشان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي واهپيدارن جا اڪائونٽ اوچتو لاگ آئوٽ ٿي ويا آهن ۽ کين لاگ ان ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.اڻڄاتل سببن جي ڪري فيس بڪ تائين رسائي بند ٿي وئي آهي.اهو واضح ناهي ته ڪو ٽيڪنيڪل مسئلو آهي يا ميٽا ڪمپني طرفان ڪو ايرر آيو آهي جڏهن ته حڪومت طرفان يا پي ٽي اي طرفان ڪو بيان ناهي آيو.سڄي دنيا ۾ فيس بڪ جي واهپيدارن کي سيشن ايڪسپائر ٿيڻ جا نوٽيس مليا آهن جنهن بعد سندن اڪائونٽ لاگ آئوٽ ٿي ويا.هن وقت ڪنهن به واهپيدار جو اڪائونٽ سائن ان ناهي ٿي رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو