سمورين سوسائٽين جي رڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت

سمورين سوسائٽين جي رڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار براء بين الصوبائي رابطا ۽ ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ سنڌ احسان الرحمان مزاري جي صدارت هيٺ ڪوآپريٽو کاتي حيدرآباد ريجن جي ڪوآپريٽو کاتي جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪوآپريٽو کاتي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ثناءُ الله رند پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي جي رجسٽرار وسيم الدين، اسسٽنٽ رجسٽرار فيضان عنايت ۽ بخت علي مزاري، حيدرآباد ريجن جي ڊپٽي رجسٽرار ساجد علي ۽ مختلف ضلعن جي رجسٽرار ۽ اسسٽنٽ رجسٽرار شرڪت ڪئي. ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ جي حيدرآباد ريجن جي ڊپٽي رجسٽرار ساجد علي سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار کي حيدرآباد ريجن ۽ ضلعن ۾ قائم ڪيل ڪوآپريٽو سوسائٽين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ حيدرآباد ريجن ۽ ضلعن جي ڊپارٽمينٽل سطح تي معاملن ۽ مسئلن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.احسان الرحمان مزاري اجلاس ۾ موجود سمورن آفيسرن کي آفيس ۾ پنهنجي حاضري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پابند ڪيو. اجلاس ۾ احسان الرحمان مزاري پاران ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ، حيدرآباد ريجن ۽ ضلعن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ڪوآپريٽو سوسائٽيز ۾ عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور سهڪار ڪن ۽ فوري طور تي قدم کنيا وڃن.اجلاس ۾ احسان الرحمان چيو ته جيڪڏهن سوسائيٽي جي معاملن ۾ شفافيت نه آئي ته ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪوآپريٽو کاتي جي صلاحڪار پاران حيدرآباد ريجن ۽ ضلعن جي سمورن آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته هو عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ سان گڏ عوام جي مسئلن کي مد نظر رکندي سموري رڪارڊ کي ڊيجيٽلائزيشن ڪرڻ جي حوالي سان فوري قدم کڻڻ. بعد ۾ اجلاس ۾ زراعت، دستڪاري سميت مختلف شعبن کي هٿي وٺرائڻ ۽ پيداوار، خريداري، پروسيسنگ، مارڪيٽنگ ۽ تقسيم لاءِ حيدرآباد ريجن جي لاڳاپيل سوسائٽين ۾ قدم کڻڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن تي احسان الرحمان مزاري ايڪشن پلان واضح ڪري سمري جمع ڪرائڻ جي هدايت ڏني. ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ حيدرآباد ريجن جي ڪارڪردگي جي جائزو وٺڻ جي حوالي سان اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي آفيس ۾ منعقد ٿيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو