ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد سميت چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر سيد ڪامل حيدر شاهه ۽ وائيس چيئرمين اختر علي جان مير کي حلف کڻڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جا سمورا ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ نوان چونڊيل بلدياتي نمائندا عوام جي خدمت لاءِ پرعزم آهن. صوبائي وزير عهدن جو حلف کڻندڙ ٻين پارٽين جي سمورن نمائندن کي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اميد آهي ته حلف کڻندڙ سمورا نمائندا صوبي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته سکر جي عوام کي نئين چونڊيل ضلعي ڪائونسل چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه مان وڏيون اميدون آهن جڏهن ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ڪراچي جي عوام جي اميدن تي پورو لهندو.










