پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوليس لائن ۾ افسوسناڪ واقعو ٿيو، اي پي ايس واقعي کانپوءِ افسوسناڪ واقعو آهي، 85 نمازي شهيد ٿيا.هن چيو ته اسان کي حقيقتون تسليم ڪرڻيون پونديون، سڄي قوم شرمسار آهي، ڪجهه سال اڳ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي کانپوءِ اهو واقعو ڪيئن ٿيو، پوري قوم سوچي رهي آهي ته مستقبل ۾ ان برائي تي ڪيئن ضابطو آندو وڃي.هن چيو ته پشاور سانحي بابت سوشل ميڊيا تي بي بنياد الزام ۽ تنقيد افسوسناڪ آهي، چيو ويو ته پشاور ڌماڪو ڊرون حملي ذريعي ٿيڳ جيڪو انتهائي نامناسب آهي.وزيراعظم چيو ته وفاق ۽ صوبن کي گڏجي دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، سموريون سياسي ۽ مذهبي پارٽيون پنهنجا اختلاف وساري دهشتگردن جو مقابلو ڪن.وزيراعظم شهباز شريف خطاب ڪندي چيو ته پشاور پوليس لائنز ڌماڪي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن لاءِ مالي امداد ڏينداسين،زخمين کي 5 لک ۽ شهيد ٿي ويلن کي 20 لک ڏنا ويندا.










