ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) 30 اپريل تي سمورا بئنڪ کليل رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مرڪزي بئنڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڀئي بئنڪ ۽ انهن جون شاخون ڇنڇر 30 اپريل 2022 تي کليل رهنديون. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته عيدالفطر جون موڪلون 2 کان 5 مئي تائين هونديون. واضح رهي ته وفاقي حڪومت عيدالفطر جي موقعي تي 2 کان 5 مئي تائين عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم سرڪاري ادارن ۾ هفتي جي موڪل اڳ ئي ختم ڪري چڪو آهي.










