سمري ملڻ باوجود صدر اڃا تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس نه گهرايو

سمري ملڻ باوجود صدر اڃا تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس نه گهرايو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر عارف علوي هن وقت تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس نه گهرايو آهي.4 ڏينهن اڳ پارلياماني معاملن واري وزارت صدر عارف علوي کي سمري موڪلي هئي، صدر اڃا تائين اجلاس سڏائڻ جي سمري تي صحيح ناهي ڪئي.ذريعن جي دعويٰ آهي ته صدر جي راءِ آهي ته ايوان اڃا مڪمل ناهي ٿيو، ڪجهه مخصوص سيٽن جو فيصلو ٿيڻو آهي. عارف علوي اڃا تائين سمري جي منظوري کي رد ناهي ڪيو، رڳو زباني موقف سامهون آيو آهي. نگران وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته آرٽيڪل 91 جي سيڪشن 2 تحت 21 ڏينهن لاءِ اجلاس گهرائڻ لازمي آهي. صدر پاران اجلاس نه گهرائڻ جي صورت ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي ٿيندو ۽ 29 فيبروري تي ٿيندڙ اجلاس آئين موجب ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو