سمارٽ چشما، ڪمپني کي هڪ ڏينهن ۾ 20 ارب ڊالر جو فائدو

سمارٽ چشما، ڪمپني کي هڪ ڏينهن ۾ 20 ارب ڊالر جو فائدو

پيرس (ويب ڊيسڪ)مصنوعي ذهانت تي مشتمل ريبين (Ray-Ban) عينڪ ٺاهيندڙ ڪمپني ايسسلور لڪسوٽڪا جي شيئرز ۾ جمعي جي ڏينهن 14 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن سان ڪمپني جي مارڪيٽ ويليو ۾ لڳ ڀڳ 20 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو. پيرس اسٽاڪ ايڪسچينج تي لسٽ ٿيل هي گروپ، جيڪو مرحوم اطالوي ڪاروباري لينارڊو ڊيل ويڪچيو پاران قائم ڪيو ويو هو ۽ هاڻي ارماني فيشن گروپ خريد ڪرڻ جي دوڙ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، خميس تي هن ڪمپني جي ٽئين ڪوارٽر ۾ 6.9 ارب يورو جي سيلز رپورٽ ڪئي آهي. جيئن ته سمارٽ چشما اڃا تائين ڪمپني جي مجموعي آمدني جو فقط هڪ ننڍڙو حصو آهن، پر اهو سيڙپڪارن ۽ تجزئي نگارن لاءِ مرڪزي ڌيان جو نقطو بڻجي ويو. بارڪليز جي تجزئي موجب، سمارٽ چشما موبائل فونن کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ تبديلي آڻيندڙ ايجاد بڻجي سگهن ٿا، ۽ 2035 تائين دنيا ڀر ۾ 60 ملين يونٽس وڪرو ٿيڻ جو امڪان آهي.ڪمپني هڪ بيان ۾ چيو: “ويئريبل پراڊڪٽس جي تيز ي سان مقبوليت اسان جي آمدنيءَ کي غير معمولي واڌ ڏني آهي.” Ray-Ban Meta جا نوان ماڊلز، جن جي قيمت $379 کان $799 تائين آهي ۽ جن ۾ بِلٽ ان ڊسپلي به شامل آهي، في الحال محدود اسٽورن ۾ موجود آهن، جڏهن ته ڪينيڊا، فرانس، اٽلي ۽ برطانيا ۾ 2026 جي شروعات ۾ لانچ ڪرڻ جا منصوبا آهن. Meta جي سمارٽ چشمن جي ڪاميابيءَ سان اهو پراڻو شعبو “اي ويئر ڪمپيوٽرز” ٻيهر زنده ٿي ويو آهي، جيڪو اڳ ۾ گوگل ۽ مائيڪرو سافٽ ڇڏي چڪا هئا. هاڻي Meta جي ڊزائن ۽ جنريٽو AI فيچرز سان گڏ، ڪمپني وڏي ٽيڪ ڪمپنين کي ٻيهر مارڪيٽ ۾ واپس آندو آهي. Google ۽ Samsung Android XR پليٽفارم تي مبني چشمن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته Apple پڻ مبينا طور تي پنهنجا سمارٽ چشما تيار ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو