سليم باجاري کي نيب وٽ پيش ٿيڻ جو حڪم

سليم باجاري کي نيب وٽ پيش ٿيڻ جو حڪم

حيدرآباد (بيورو) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري جاچ جي سلسلي ۾ وڏي وزير جي سينيئر پرائيويٽ سيڪريٽري سليم باجاري کي نيب وٽ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو، عدالت ڪيس نمبر 2 ڏانهن منتقل ڪري وڌي ٻڌڻي 18 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري جانچ جي سلسلي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج انعام علي ڪلهوڙو ڪئي، سليم باجاري پڪي ضمانت لاءِ پنهنجي وڪيل عشرت علي لوهر معرفت عدالت ۾ پيش ٿيو جاچ آفيسر راءِ محمد حسين عدالت کي آگاهي ڏني ته سليم باجاري خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ ڪري رهيا آهيون پر هو بار بار نوٽيس اماڻڻ جي باوجود پيش نه ٿو ٿئي جوابدار جي وڪيل چيو ته اسان پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيون پر نيب سمورين انڪوائريز جا تفصيل فراهم نه ٿي ڪري، جاچ آفيسرچيو ته لکت ۾ ڏيان ٿو ته سليم باجاري خلاف هيستائين نيب ڪراچي رڳو آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي جي جاچ پئي ڪري باقي خبر ناهي ته ان خلاف ڪهڙيون انڪوائريون هلن ٿيون عدالت جاچ آفيسر پاران لکت ۾ ڏيڻ بعد سليم باجاري کي حڪم ڏنو ته هو نيب وٽ پيش ٿئي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد سليم باجاري جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪئي، احتساب عدالت جي جج انعام علي ڪلهوڙو سليم باجاري وارو ڪيس ڪورٽ نمبر 2 جي جج محبوب علي ڏانهن ٽرانسفر ڪري ڇڏيو ايندڙ ٻڌڻي تي ڄاڻايل ڪيس اتي هلندو

پهنجو تبصرو موڪليو