سليمان شهباز جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت رمضان شگر ملز ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سليمان شهباز جا ناقابل گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس ايندڙ حاضري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ۾ حاضر وقت ميان شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ي حاضري بعد عدالت کين وڃڻ جي جازت ڏني. عدالت قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي گهرواري نصرت شهباز ۽ نياڻين رابعه عمران ۽ جويريه علي کي به ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ وڌيڪ ڪاروائي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. حاضري دوران شهباز شريف چيو ته مان الله ۽ ان جي رسول جو قسم کڻي چوان ٿو ته مون ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي، مان ته پگهار به نه کڻندو هئس، ملڪ ۾ اربين روپين جي سيڙپڪاري آندي ۽ سرڪاري پيسي کي نقصان ناهي پهچايو. جج کيس چيو ته اسين غور ڪريون پيا جيڪڏهن اوهان بيگناهه هوندا ته با عزت بري ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو