اسلام آباد(بيورو رپورٽ)استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري چيو آهي ته مان اين اي 128 لاهور مان ڪامياب ٿيو، سلمان اڪرم راجا ڪهڙي حيثيت ۾ آر او آفيس ويو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عون چوڌري چيو ته سلمان اڪرم راجا 70 وڪيلن سان گڏ آر او آفيس تي ڌاڙو هنيو، کيس ايترا وڪيل ۽ ڪٽنب سميت آر او آفيس وڃڻ جي اجازت ڪيئن ملي.هن چيو ته مون کي 9 فيبروري تي منهنجي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن مليو، سلمان اڪرم راجا منهنجي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن چيلنج ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ معاملو اليڪشن ڪميشن تي ڇڏي ڏنو، وڪيل برادري اسان لاءِ تمام گهڻي عزت واري آهي.عون چوڌري چيو ته اسان کي قانون جي دائري ۾ رهڻو آهي، سلمان اڪرم راجا جي ماڻهن ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن تي تشدد ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته سلمان اڪرم راجا جو خاندان اسان لاءِ قابل احترام آهي، ڪو ڪارو ڪوٽ پائي بدتميزي ڪري ته اهو قبول ناهي.










