باڊهه(ن سنڌيار) جيو نيوز جي سينئر ڪيمرامين عبدالاسلام سومرو جو مڙهه سوين آلين اکين سان سندس اباڻي علائقي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن جي مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري وئي. سندس ڀاءُ حميد سومرو ۽ ٻين سان علائقي واسين جو تعزيتي سلسلو جاري آهي. عبد الاسلام سومرو گذريل ڏينهن اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو هو جنهن بعد اسلام آباد جي صحافين سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه اباڻي علائقي روانو ڪيو هو. قومي اسمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ٻين تعزيتي بيان ۾ مرحوم جي مغفرت جي دعا ڪئي آهي. ٻئي پاسي مذهبي معاملن واري وزير سينيٽر طلحه محمود مرحوم جي خاندان جي مدد لاءِ 2 لک روپين جو اعلان ڪيو آهي.










