رائٽرز موجب عراقي پاپولر موبلائيزيشن فورسز چيو آهي ته آمريڪا ۽ سعودي عرب جي گڏيل حملن ۾، عراق ۾ سندن ڪيترن ئي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 اهلڪار مارجي ويا ۽ 32 زخمي ٿيا آهن. اهي حملا عراق ۾ موجود ايران نواز شيعه گروپ پاران سعودي عرب ۾ تيل جي ڪارخانن تي حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي الجزيره موجب عراق جي وزيراعظم علي فالح الزيدي ملڪ ۾ سحري وقت ٿيل هوائي حملن ۽ تازي سيڪيورٽي صورتحال کانپوءِ قومي سلامتي بابت وزارتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي.
تڪرارن جي حل لاءِ سفارتي رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، عراق
عراق جي قومي سلامتي ڪائونسل آمريڪا ۽ سعودي عرب جي حملي تي غور بعد چيو آهي ته تڪرارن جي حل لاءِ سفارتي ذريعن کي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ عراق کي علائقائي تڪرارن کان پري رهڻ گهرجي. قومي سلامتي ڪائونسل پنهنجي بيان ۾ چيو ته، “اجلاس حڪومت جي ان واضح ۽ غيرمتزلزل موقف جي ٻيهر تصديق ڪئي، جنهن تحت ڪنهن به ڌر طرفان ڪيل جارحاڻي ڪارروائي، ڀلي ان لاءِ ڪهڙا به جواز پيش ڪيا وڃن، رد ڪئي وڃي ٿي. اهڙي جارحيت کي منهن ڏيڻ ۽ ان جو جواب ڏيڻ صرف عراقي حڪومت جي ذميواري آهي.” ان کان اڳ عراق جي صدارتي اداري پڻ حملي جي مذمت ڪندي چيو هو ته پاڙيسري ملڪن خلاف حملن لاءِ عراقي سرزمين کي لانچنگ پوائنٽ يا جنگي ميدان طور استعمال ڪرڻ ناقابل قبول آهي.
غزه ۾ 60 هزار ٻار والدين کان محروم ٿيا آهن
غزه جي صحت واري وزارت پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته آڪٽوبر 2023ع ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي واري جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ غزه پٽي ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ٻار گهٽ ۾ گهٽ هڪ والدين کان محروم ٿي چڪا آهن. رپورٽ موجب، گهٽ ۾ گهٽ 60,737 ٻارن پنهنجن والدين مان هڪ کي وڃايو آهي، جن مان 52,095 ٻارن پنهنجو والد، 5,929 ٻارن پنهنجي والده، جڏهن ته 2,713 ٻارن پنهنجا ٻئي والدين وڃايا آهن. وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته 2,276 خاندان، جن جا مجموعي طور 8,858 فرد هئا، مڪمل طور ختم ٿي ويا آهن ۽ انهن جا نالا شهري رجسٽري مان به ختم ٿي چڪا آهن. صحت واري وزارت موجب، آڪٽوبر 2023ع کان وٺي 73 هزار کان وڌيڪ فلسطيني مارجي چڪا آهن. آڪٽوبر ۾ ٿيل جنگبندي باوجود، اسرائيل غزه جي مختلف علائقن تي موتمار حملا جاري رکيا آهن، جن ۾ جنگبندي ٿيڻ کان پوءِ به 1,100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن.
چين، ايران کي 400 ڪلهي تان هلائڻ وارا ميزائيل ڏئي پيو
رائٽرز موجب، ايران ايندڙ ڪجهه هفتن دوران چين کان 400 تائين ڪلهي تي کڻي هلائي سگهجندڙ فضائي دفاعي نظامن (MANPADS) جي پهرين کيپ حاصل ڪرڻ وارو آهي. 60 کان 70 ملين ڊالرن جي هن خريداري کي تهران پاران پنهنجي مختصر فاصلي واري فضائي دفاعي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ جي اهم ڪوششن مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي، خاص طور تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ کانپوءِ، جنهن ايران جي اهم تنصيبات ۽ فوجي اڏن جي حفاظت ۾ موجود ڪمزورين کي ظاهر ڪيو. رائٽرز موجب، معاهدي تحت 300 کان 400 چيني QW-12 ۽ FN-16 ميزائلن تي ٻڌل انسان جي هٿ سان هلندڙ فضائي دفاعي نظام خريد ڪيا ويندا.
اردن 5 ايراني ميزائيل فضا ۾ تباهه ڪري ڇڏيا
اردن جي هٿياربند فوج چيو آهي ته سندس فضائي دفاعي نظامن “ايران کان ايندڙ پنج ميزائلن کي، جيڪي اردن جي علائقي کي نشانو بڻائي رهيا هئا، روڪي تباهه ڪري ڇڏيو”، الجزيره رپورٽ ڪيو آهي. فوج موجب سڀئي ميزائل ڪاميابي سان ڪيرايا ويا.
ايران پاران هرمز جي گڏيل انتظام بابت عمان جي تجويز رد
رائٽرز موجب، هڪ سينيئر ايراني عملدار چيو آهي ته تهران، آبنائي هرمز جي گڏيل علائقائي انتظام بابت عمان جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ان جي ڪاميابي جو ڪو به امڪان ناهي. عملدار وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ سعودي عرب عمان تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته جيئن هو آبنائي هرمز بابت سندن “غيرحقيقت پسندانه منصوبن” کي اڳتي وڌائي.
ڪايا ڪالس جي عباس عراقچي سان فون تي ڳالهه ٻولهه
يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي بابت سربراهه ڪايا ڪالس چيو آهي ته هن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان نار واري علائقي جي صورتحال ۽ يوڪرين خلاف روس جي جنگ بابت ڳالهايو، جنهن کي ماسڪو تازن ڏينهن ۾ وڌيڪ تيز ڪيو آهي. هن سوشل ميڊيا پليٽفارم X تي لکيو: “نار واري علائقي ۾ ويڙهه جي عارضي وقفي سان ثالثن کي سفارتڪاري ڏانهن واپسي لاءِ وقت ملي سگهي ٿو ۽ مڪمل جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو.” هن وڌيڪ چيو: “مون واضح ڪيو ته تهران ۾ فرانسيسي سفارتڪارن خلاف جارحيت ناقابل قبول آهي. يورپي يونين جي سڀني ميمبر ملڪن انهن قدمن جي مذمت ڪئي آهي.” ڪالس اهو به چيو ته اها حوصلا افزا ڳالهه آهي ته يوڪرين جي پرڏيهي وزير پڻ عباس عراقچي سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن ڇڪتاڻ گهٽائي سگهجي. هن چيو: “مون ايران کي روس جي فوجي مدد ختم ڪرڻ جي پنهنجي اپيل ٻيهر ورجائي. ماسڪو يوڪرين ۾ وڌندڙ تعداد ۾ شهري ماريندو پيو وڃي، ۽ ايران کان ملندڙ هر قسم جي مدد وڌيڪ شهري جاني نقصان جو سبب بڻجي رهي آهي. يوڪرين کي پنهنجي بچاءَ جو مڪمل حق حاصل آهي.”
باب المندب مان 37 مال بردار جهاز ڪراس ٿي ويا
رائٽرز موجب، اڱاري ڏينهن باب المندب آبنائي مان 37 مال بردار جهاز گذريا، جيڪو 19 جولاءِ کانپوءِ سڀ کان وڏو انگ آهي، جڏهن ته آبنائي هرمز مان رڳو ٿورا جهاز لنگهيا. جهازن جي ٽريڪنگ ڪندڙ اداري ڪپلر (Kpler) موجب، انهن مان 20 جهاز آبنائي ۾ داخل ٿيا ۽ 17 ٻاهر نڪتا، جڏهن ته انهن ۾ ڪو به تمام وڏو خام تيل کڻندڙ جهاز يا مائع قدرتي گيس (LNG) ٽينڪر شامل نه هو.
هرمز مان بنا اجازت گذرندڙ 3 جهازن کي ايران روڪي ڇڏيو
ايراني ميڊيا موجب، ايران جي پاسداران انقلاب چيو آهي ته هنن آبنائي هرمز ۾ ٽن تيل بردار جهازن کي نشانو بڻائي روڪي ڇڏيو، جيتوڻيڪ واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ويڙهه ۾ عارضي سڪون برقرار آهي. پاسداران انقلاب جي بحري فوج موجب، “ٽن خلاف ورزي ڪندڙ تيل بردار جهازن، جن اسان جي خبردارين کي نظرانداز ڪيو ۽ غير محفوظ ۽ غير قانوني رستي تي سفر جاري رکيو، کي نشانو بڻائي روڪيو ويو آهي،” تسنيم نيوز ايجنسي رپورٽ ڪيو آهي.










