سعودي گهوڙي ڊوڙ مقابلو کٽندڙ جوڪي لاءِ ڪروڙ ڊالر انعام

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ٿيڻ واري مهانگي ترين گهوڙي ڊوڙ جي مقابلي ۾ آمريڪا جي نامور جوڪي کي گهوڙي ڊوڙ جي مقابلي ۾ تاريخ ۾ سڀ کان وڏو انعام ڏنو ويو. مهانگي ترين گهوڙي ڊوڙ جي مقابلي ۾ آمريڪا جي نامور جوڪي لوئس سائيز پنهنجو عالمي شهرت يافته گهوڙي “ميڪسيمم سڪيورٽي” جي شاندار ڪارڪردگي  سبب سعودي گهوڙي ڊوڙ جو پهريون وڏو ڪپ کٽيو.آمريڪا جي نامور جوڪي لوئس سائيز کي سعودي بادشاهه ، شاهه سلمان گهوڙي ڊوڙ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو انعام هڪ ڪروڙ ڊالر ڏيڻ سان گڏ ٽرافي به ڏني. ٻئي طرف ٻئي نمبر تي اچڻ وارو آمريڪا سان تعلق رکڻ وارو گهوڙي سوار مڊنائٽ بِسو آهي.جڏهن ته ٽئين نمبر تي اچڻ وارو بينبٽل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو