سعودي پرو ليگ ۾ رونالڊو جي هاڪَ، ٻئي هيٽ ٽرڪ

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي پرو ليگ ۾ ڪرسٽيانو رونالدو طرفان گول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هن هڪ ڀيرو ٻيهر هيٽ ٽرڪ ڪري ڇڏي آهي.پرنس سلطان بن عبدالعزيز اسٽيڊيم ۾ سعودي پرو ليگ ۾ النصر ۽ داماڪ وچ ۾ ميچ دوران ڪرسٽيانو رونالڊو ڇانيل رهيو.رونالڊو پهرئين هاف ۾ ئي هيٽ ٽرڪ ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٻئي هاف ۾ ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگهي، ائين النصر 0-3 تان ڪاميابي ماڻي پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن حاصل ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو