اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو پاڪستان جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب محمد بن سلمان کي 21 هين نومبر تي پاڪستان جو مختصر دورو ڪرڻو هو جيڪي هاڻ ملتوي ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.محمد بن سلمان جي پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ جا ڪارڻ سامهون ناهن اچي سگهيا.










