سعودي عرب ۾ روڊ حادثو،دڙو واسي الھبچايو روڊ حادثي ۾ فوت

سعودي عرب ۾ روڊ حادثو،دڙو واسي الھبچايو روڊ حادثي ۾ فوت

دڙو (ن سنڌيار) دڙو مان افسوسناڪ خبر.!! دڙي شهر جو نوجوان انجنئير الھبچايو عرف اي بي سومرو سعودي عرب ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، نوجوان جي فوتگي جي خبر پوڻ شرط گھر ۾ ڪھرام مچي، رپورٽ موجب دڙي جو نوجوان الھبچايو عرف اي بي سومرو ولد اسماعيل سومرو سعودي عرب جي شھر دمام ۾ روڊ حادثي دوران فوت ٿي ويو آھي، جنھن جو لاش سعودي عرب کان پاڪستان آڻي دڙو جي اباڻي قبرستان پيرڦل بادشاھ ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو، نوجوان اي بي سومرو جي فوت ٿيڻ واري خبر جيئن ئي دڙو ۾ پئي تہ سندس وني سميت ماء پيء کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا، نوجوان جو تڏو سندس دڙو واري راھشگاھ تي وڇايو ويو آھي، نوجوان اي بي سومرو بابت معلوم ٿيو آھي تہ سندس ڪجھ وقت اڳ شادي ٿي ھئي، جنھن مان کيس ھڪ نياڻي جو اولاد آھي، پاڻ سعودي عرب جي ھڪ مقامي ڪمپني ۾ ڪمنيوڪيشن ماس انجنيئر ھو، جيڪو سعودي جي شھر دمال کان ڪار ۾ ٻئي شھر وڃي رھيو ھو، جتي سندس گاڏي حادثي جو شڪار ٿي، نوجوان جي وارثن اسماعيل سومرو، محمد علي سومرو ۽ ٻين وڌيڪ ٻڌايو تہ نوجوان جي لاش کي پاڪستان آڻڻ لاء سفارتي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، سڀاڻي تائين سندس لاش ڏيھ آندو ويندو، پريس ڪلب دڙو جي صحافين طرفان ڏک جو اظھار ڪيو ويو آھي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو