جده (ويب ديسڪ)سعودي حڪومت اذان لاءِ لائوڊ اسپيڪر کي گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عرب ميڊيا موجب رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي حوالي سان سعودي عرب جي مذهبي معاملن واري وزارت مسجدن کي هدايتون جاري ڪيون آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مسجدن ۾ آئوٽ ڊور لائوڊ اسپيڪر جي استعمال کي صرف اذان يا اقامت ڏيڻ تائين محدود ڪيو وڃي. ھدايت ۾ چيو ويو آھي ته لائوڊ اسپيڪر تي ايمپليفائر جو حجم ھڪ کان ٽن درجن نادر رکيو وڃي، ان کان وڌيڪ آواز رکندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.










