سعودي عرب پاران حوثي باغين جو ڊرون حملو ناڪام

سعودي عرب پاران حوثي باغين جو ڊرون حملو ناڪام

 رياض(ويب ڊيسڪ)عرب اتحادي فوج سعودي عرب تي حوثي باغين جو هڪ ٻيو ڊرون حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو.عرب ميڊيا موجب حوثي باغين پاران سعودي شهر خميس مشيط کي ڊرون سان نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر عرب اتحادي فوج ڊرون کي ڳولي هوا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن به حوثي باغين پاران  بليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو.عرب اتحادي فوج جي ترجمان ڪرنل ترڪ المالڪي جو چوڻ آهي ته حوثي باغين پاران حملن جي روڪٿام ۽ سعودي شهرين جي تحفظ لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو