جده (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب سميت اڪثر عرب ملڪن ۾ اڄ عيدالاضحيٰ ملهائي وئي. عيدالاضحيٰ جي نماز جا سڀ کان وڏا اجتماع مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ ٿيا. حاجي اڄ مزدلفه کان واپس منيٰ وڃي اڄ وڏي شيطان کي پٿريون هڻندا، جانورن جي قرباني ڪندا، مٿو ڪوڙائي احرام کوليندا. سعودي قيادت کي عيد جي موقعي تي ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جي اڳواڻن طرفان مبارڪباد ڏني وئي آهي. ان کان اڳ، خميس ڏينهن 16 لک کان وڌيڪ حاجين حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه ادا ڪيو. ان موقعي تي فلسطيني ڀائرن لاءِ خاص دعا گهري وئي. مسجد الحرام جي امام شيخ ڊاڪٽر صالح بن عبدالله چيو: “اي الله! فلسطين ۾ اسانجي ڀائرن کي دشمن تي غالب ڪر.” ياد رهي ته عام طور تي 27 لک کان مٿي حاجي حج لاءِ ايندا آهن پر دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب هن ال سندن انگ ڪافي گهٽ رهيو آهي.










