تحران (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي آرمي چيف تهران ۾ ايران جي هم منصب سان ملاقات ڪري اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. سعودي عرب جو آرمي چيف فياض الرويلي ايران جي دوري تي تهران پهچي ويو.تهران ۾ سعودي آرمي چيف ايراني هم منصب جنرل محمد باقري سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ دفاعي سفارتڪاري، گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي بحالي کانپوءِ سعودي عرب جي عسڪري اعليٰ عهديدار جو هي اهم دورو آهي.










