دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) سني رابطه ڪائونسل طرفان تحفظ ناموس رسالت ﷺ تحفظ ناموس صحابہ ﷺ جلوس صديق اڪبر چونڪ شاھاڻي محلا دادو کان گرلس ڪاليج، اسٽيشن روڊ، اسپتال روڊ، ايس ايس پي چونڪ، ڪچهري روڊ کان ٿيندي پريس ڪلب دادو وٽ پهتو جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري ورتو پريس ڪلب اڳيان جلوس کي اڳواڻن نجم الدین، مولانا الله بچايو چنه غلام حيدر مهيسر، سالار لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ناموس رسالت ﷺ قانون تحفظ جي لاءِ ھر مسلمان جان و مال قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي آمريڪا سميت يورپي ملڪ تحفظ ناموس رسالت جي قانون کي ختم ڪرڻ لاءِ سازشون ڪري رهيا آهن جيڪا امت مسلمہ کي ڪنهن صورت قبول ناهي هنن وڌيڪ چيو ته اصحابه رسول ۽ اهلبيت رسول جي گستاخي توهين ڪئي پئي وڃي هنن مطالبو ڪيو پاڪستان ۽ چار ئي صوبائي حڪومتن کان ته فرقيواريت جي خاتمي لاءِ ناموس صحابہ قانون قائم ڪري توهين صحابہ ڪندڙ مجرمن کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي.










