مٺي(ن سنڌيار) امر جڳديش هاء اسڪول مٺي پاران لڳندڙ ٻن ڏينهن وارو سائنسي فيسٽيول مستقبل جي سائنسدانن کي هڪ اميد ڏياريندي پڄاڻي تي پهتو ٻي ڏينهن به مختلف اسڪولن جي شاگردن استادن توڙي شھرين وڏي انگ ۾ فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي ۽ شاگردن جي محنتي جي ساراهه ڪئي فيسٽيول جي پڄاڻي تي پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن کي ايوارڊ سان نوازيو ويو تقريب ۾ روٽري ڪلب جي هريش سوني پاران اسڪول جي لاءِ ھڪ هزار سائنس جا ڪتاب ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ۽ شاگردن استادن جي محنت کي ساراهيو. فيسٽول ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻھ سياسي سماجي اڳواڻن تعليمدانن صحافين شرڪت ڪئي انهي موقعي تي ڳالهائيندي شرڪت ڪندڙن جو چوڻ ھو ته گورنمينٽ اسڪول ۾ پهريون ڀيرو اهڙي سرگرمي رکي وئي آھي جيڪو اسڪول انتظاميه جو ساراهه جوڳو عمل آھي انهي سان ٻار عملي طور پرائي سگهن ٿا گورمينٽ به اهڙين سرگرمين کي هٿي ڏي ته جيئن مستقبل جا معمار وڌ کان وڌ لاڀ حاصل ڪري سگهن اڄڪلهه جي جديد طور ۾ سائنس ئي اڳتي وڌڻ جو ذريعو آهي










