سريلنڪا ۾ ڪرفيو لاڳو، صدر مالديپ فرار

سريلنڪا ۾ ڪرفيو لاڳو، صدر مالديپ فرار

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)معاشي بحران سبب احتجاجن ۾ تيزي بعد سري لنڪا جي وزيراعظم رانيل وڪرما سنگهي، قائم مقام صدر جي حيثيت سان، ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سري لنڪن صدر گوٽابايا راجاپڪسي مالديپ فرار ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز موجب رانيل وڪرما سنگهي جي ميڊيا سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم قائم مقام صدر جي حيثيت سان سڄي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ اولهائين صوبي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو آهي. سري لنڪن وزيراعظم جي اعلان کانپوءِ فوري طور تي فوج ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ئي بحران جو شڪار صدر جي اڏام جي خبر پکڙجي وئي، هزارين ماڻهو ڪولمبو ۾ مرڪزي احتجاج واري جاءِ تي گڏ ٿيا ۽ صدر خلاف ”چور، چور“ جا نعرا هنيا. احتجاج ڪندڙن کان علاوه سوين ٻين وزير اعظم جي آفيس تي حملو ڪيو، وزير اعظم رانيل وڪرما سنگهي جي استعيفي جو مطالبو ڪيو. صدر جو فرار طاقتور راجاپڪسي خاندان جي ٻن ڏهاڪن کان جاري راڄ جي بظاهر خاتمي جي نشاني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو