سردار محمد پناهه خان اوڍو فوت، تدفين اڄ ٿيندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جيڪب آباد جي  ضلع ڪائونسل جو اڳوڻو چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي جو اڳواڻ سردار محمد پناهه اوڍو ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سردار محمد پناهه اوڍو کي ٻه ھفتا اڳ ڪورونا سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. سردار محمد پناهه اوڍو جي تدفين سڀاڻي ڳوٺ محمد پور اوڍو ۾ ڪئي ويندي. سندس 2 ننڍا ڀائر پوليس ۾ سي ايس پي آفيسر آهن. جاويد عالم اوڍو ۽ تنوير عالم اوڍو ڊي آءِ جي رينڪ جا آفيسر آهن. مرحوم پيپلز پارٽي جي سينيٽ جي ٽڪيٽ لاءِ 2012 ۾ اپلاءِ ڪيو هو پر کيس ٽڪيٽ نه ملي سگهي هئي. هو انتهائي نفيس، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ انسان دوست ماڻهو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو