جيڪب آباد(رپورٽر)پ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين، اوڍا برادري جي چيف سردار محمد پناھ خان اوڍو جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ محمد پور اوڍو ۾ ادا ڪئي وئيجنازي نماز ۾ مرحوم جي وڏي فرزند سردارزادہ علي احمد خان اوڍو پڙھائي، جڏھن ته جنازي نماز۾ صوبائي صلاڪار مير اعجازخان جکراڻي، سردار غوث بخش خان مھر، مير ممتازخان جکراڻي، ميرلياقت لاشاري، مير اورنگزيب خان پنھور، سردار نبي بخش خان اوڍو، ڊي آء جي سردارزادا جاويد عالم خان اوڍو، ميرشير محمدخان مغيري، مير بازخان بروھي، سردارنورالرحمان خان جکراڻي، مير نصرالله خان قمبراڻي، سردار عبدالنبي خان ٿھيم، مير عبدالغفار ٿھيم، ڊي آء جي پرويز احمدچانڊيو، ميرفائق خان جمالي ۽ حاجي محمدابراھيم جکراڻي سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سڏڪن ۽ ھزارين آلين اکين سان محمد پور ۾ اباڻي قبرستان ۾ سندس مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. تڏي تي سوين معززين ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ عام شهرين پاران تعزيتن جو سلسلو جاري آھي هوڏانهن وفاقي وزير سردار محمد ميان سومرو سردار محمد پناهه جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي پيغام ڏنو ته مرحوم سچو کرو نيڪ انسان هو هن جي اوچتو وڇوڙي تي دلي صدمو پهتو آهي.










