مير علي شير قانع جي نئين تعمير ٿيل مقبري جو افتتاح

ٺٽو( ن س ) سنڌ کي تاريخ سان روشناس ڪري تحفته الڪرام چچ نامو ۽ مڪلي نامو سميت ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن جي مصنّف نامور تاريخدان مير علي شير ڪانع کي خراج تحسين ۽ خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ جا اديب ۽ تاريخدان مڪلي پھتل.مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ سنڌ جي عظيم تاريخ دان مير علي شير قانع جي نئين سر تعمير ٿيل مقبري جي افتتاحي تقريب ۾ صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت سردار علي شاھ سميت اديبن ليکڪن ۽ تاريخدانن جي شرڪت ثقافت واري صوبائي وزير سنڌ جي اديبن تاريخدانن سان گڏجي مڪلي قبرستان ۾ مير علي شير ڪانع جي مقبري تي پھچي نئين تعمير ٿيل مقبري جو افتتاح ڪيو ۽ انڊولمينٽ فنڊ تحت تعمير ٿيل مزار کي ٻيهر تعميرات کانپوءِ آثار قديمہ کاتي حوالي ڪيو ويو. مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ مير علي شير ڪانع جھڙي عظيم تاريخ دان جي زبون ٿيل مخصوص قسم جي مقبري جي ٻيهر اصلي حالت ۾ تعمير ٿيڻ هڪ وڏو ڪم هو، جنهن کي اڄ مڪمل ڪيو ويو آھي سنڌ جي عظيم ڪردارن تاريخدانن جي مقبرن توڙي قديم آثارن جي ٻيهر مڪمل بحالي لاءِ سنڌ حڪومت مختلف ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آھي ۽ مڪلي سميت سنڌ جي مختلف تاريخي آثارن جي بحالي لاءِ ڪم شروع ڪرايا ويا آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو