اسلام آباد (بيورو)ملڪ ۾ ستين گهر شماري ۽ آدمشماري جو عمل چئن مهينن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ستين گهر شماري آگسٽ جي آخر ۾ ٿيڻي هئي پر هاڻي آدمشماري آگسٽ بدران ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪل سامان جي خريداري ۾ دير ٿيڻ سبب گهر شماري ۽ آدمشماري جي عمل ۾ دير ٿي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي شيڊول موجب مردم شماري جا نتيجا ڊسمبر 2022ع ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻا هئا پر هاڻي مردم شماري جا نتيجا مارچ 2023ع تائين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا. ذريعن موجب پاڪستان پهريون ڀيرو ڊجيٽل مردم شماري ڪرائڻ وڃي رهيو آهي. ذريعن موجب ڊجيٽل هائوس ۽ مردم شماري جي سافٽ ويئر ٽيسٽنگ جو پائلٽ پراجيڪٽ شروع ٿي ويو آهي، سافٽ ويئر ٽيسٽنگ لاءِ ڪجهه شهرن ۾ پائلٽ هائوس ۽ مردم شماري ڪئي پئي وڃي، شماريات وارو ادارو جلد آدمشماري جي پائلٽ رپورٽ تيار ڪندو.










