سانحه ڪارساز جا 15 سال مڪمل، آصف زرداري جو پيغام

سانحه ڪارساز جا 15 سال مڪمل، آصف زرداري جو پيغام

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سانحي جي بهادر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.سانحي کي 15 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي خاص پيغام ۾ آصف زرداري چيو ته جيالن بم ڌماڪن جي خوف کان سواءِ پنهنجي عظيم ڀيڻ ۽ قائد جي حفاظت ڪئي.هن چيو ته اڄ جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو شهيد ۽ سندس هزارين پوئلڳن جي رت سان قائم آهي.هن وڌيڪ چيو ته پ پ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي مشن کي پورو ڪندي 1973ع جي آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو، 18هين آئيني ترميم ملڪ جي سالميت ۽ بقا جي ضمانت آهي.هن چيو ته پ پ سوات ۾ ٻيهر قومي جهنڊو بلند ڪيو، صوبن کي خودمختياري ڏني، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي جي عوام کي سڃاڻپ ڏني، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي غريب ۽ مستحق عورتن کي رياست جي ميون ۾ حصو ڏنو. اسان جي جدوجهد ان روشن صبح لاءِ آهي جڏهن هر نوجوان کي روزگار ملندو.آصف زرداري جو چوڻ آهي ته معاشي ۽ سماجي طور ڪمزور طبقن کي معاشي ۽ سماجي انصاف فراهم ڪيو ويندو، اڄ ملڪ جو پٺتي پيل علائقو ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، ٿر اهو ٻڌائي رهيو آهي ته هو ملڪ جي روشني ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو خواب به هو.

پهنجو تبصرو موڪليو