ڪراچي (اسٽاف رپوٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ تي صوبائي حڪومت جي سمورن ادارن کي شاباش ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت وقتائتا قدم کڻندي سٺا ڪم ڪيا ۽ اهڙي ٽيم ورڪ جي مثال گهٽ ملندي آهي. هن طوفاني خطرو ٽلجڻ بابت پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ حڪومت سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سٺا قدم کنيا، الله تعاليٰ جي ٻاجهه سان خطرو ٽلڻ کانپوءِ ساحلي پٽي ۾ معمول جي زندگي بحال ٿي رهي آهي. هن چيو ته منهنجي پارٽي قيادت صدر آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ مسلسل هدايتون ملنديون رهيون. آئون وزيراعظم شهباز شريف جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن هر قسم جي سهڪار خاطري ڪرائي. سنڌ جي وڏي وزير صوبائي وزيرن، صلاحڪارن ۽ ٻين چونڊيل ميمبرن جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪي عوام جي حفاظت لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهن. هن صوبائي حڪومت جي سمورن ادارن جي محنت ۽ لڳاءُ کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان آرمي، نيوي، رينجرز ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي پاران سنڌ حڪومت سان تعاون ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن فلاحي ادارن جو پڻ ٿورائتو آهيان جيڪي هن امڪاني قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي مدد ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سامونڊي پٽي تي رهندڙ ماڻهن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو جن حڪومت جي چوڻ تي پنهنجا گهر خالي ڪندي ڪئمپن ۾ ويا. وڏي وزير کين ٻڌايو ته گهر خالي ڪرائڻ جو مقصد سندن ۽ ٻارن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ هو. آخر ۾ هن موسميات کاتي پاران وقت سِر الرٽ جاري ڪرڻ جو شڪريو ادا ڪندي تي چيو ته ان کي چئبو آهي ٽيم ورڪ – جنهن جي ڪا مثال نٿي ملي. آخر ۾ وڏي وزير موسميات کاتي جو شڪريو ادا ڪيو ته حڪومت ۽ صوبي جي عوام کي احتياطي اُپاءُ اختيار ڪرڻ لاءِ وقت تي الرٽ جاري ڪيو ويو. مراد علي شاهه چيو ته سامونڊي طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن سٺي ٽيم ورڪ سان ڪم ڪيو جنهن جي ماضي ۾ ڪا مثال نٿي ملي.










