ساره خان جي والد جي ياد ۾ دلچسپ دعا ۽ تصوير شيئر

ساره خان جي والد جي ياد ۾ دلچسپ دعا ۽ تصوير شيئر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره ساره خان پنهنجي مرحوم والدين کي ياد ڪندي انسٽاگرام تي هڪ جذباتي پيغام شيئر ڪيو.ساره خان انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ ان سان گڏ ئي ان جي ڪيپشن ۾ پنهنجي مرحوم والدين جي لاءِ دعا به لکي. ساره خان تصوير جي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته هي جنت ۾ ان پهرين لمحي جي تصوير آهي جڏهن سڀئي هڪ ٻئي سان ملنداسين. اداڪاره لکيو ته مان ان لمحي جو بي صبري سان انتظار ڪري رهي آهيان جڏهن اسان سڀئي هڪ دفعو ٻيهر ملنداسين.(انشاءَالله)ان کان علاوه ساره خان پنهنجي چاهيندڙن سان مرحوم والدين کي دعائون ۾ ياد رکڻ جي اپيل به ڪئي.ياد رهي ته 26 ڊسمبر تي تازو ئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويل اداڪاره ساره خان جو پيءُ گذاري ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو