ساره انعام ڪيس، شاهنواز جي ماءُ ثمينه شاهه کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

ساره انعام ڪيس، شاهنواز جي ماءُ ثمينه شاهه کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت ساره انعام قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار شاهنواز عامر جي ماءُ ثمينه شاهه کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ۾ ساره انعام قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران نامزد جوابدار ثمينه شاهه 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ بعد عدالت ۾ پيش ٿي.سينيئر سول جج محمد عامر عزير ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي پوليس جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جي درخواست ڪئي.پوليس 19 آڪٽوبر تي صحافي اياز امير جي نياڻي سارا انعام جي قتل ڪيس ۾ جوابدار شاهنواز عامر جي ماءُ ثمينه شاهه کي گرفتار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو