سائيٽ ايريا ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ، پرڏيهي شهري زخمي

سائيٽ ايريا ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ، پرڏيهي شهري زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ ڪمپني جي سڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ هڪ ملازم زخمي ٿي پيو.پوليس موجب زخمي ٿيل ملازم پرڏيهي شهري آهي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي گارڊ غير ملڪي سان جهيڙي بعد فائرنگ ڪئي.پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڊي آءِ جي ڏکڻ کان واقعي جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.هن چيو ته واقعي جي انڪوائري ڪري حقيقتون معلوم ڪيون وڃن.سنڌ جي گهرو وزير چيو آهي ته انڪوائري رپورٽ جي تفصيل ۽ پوليس ڪارروائي کان آگاهه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو