تحرير ايم بي ڏاهري
سياري جي سيزن ايندي ئي سائيبرياجي سونھن رکندڙ ۽ ملڪ جااڻلڀ پکي سنڌ اچي ھاليجي ڍنڍ سميت ڪيترن ئي پاڻي تلائن تي پهچندا آهن پنهنجي ساھ کي جيئدان بخشڻ لاءِ پناھون ڳوليندا آهن ھڪ دور ھو جڏھن اھڙا پکي مھمان سائبيريا جئيان سنڌ کي پنهنجو ماڳ سمجهي لڙي پونداھئاتن ڏينهن ۾ نه رڳو سندن آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو هو پر داڻو پاڻي چڳڻ لاءِ آساني واري راھ ھموار ڪيل ھوندي ھئي جتي آزادي سان پنهنجي چرپر ڪري سگھن ۽داڻوچڳي سگھن ڪو به شڪارجوشوقين توبچي بڻجي سندن پرواز کي نشانو بڻائي نه سگھندو هو ان ويل ڪونجن جي قطار جئيان ولرن جي تعداد ۾اچي سياري جي مست موسم ۾سنڌ پھچي آزادي سان چڳندي پنهنجي جيون کي خوشي بخشيندا هئا سي وقت جي رھرنن شڪارين ڌرتي ڌڻين لاءِ مختلف ماحولن ۾تنڱ پئي ڪئي وڃي وئي آهي ائين مھمان تي ايندڙ مسافر پکين لاءِ ڪي لالچيء شوق جي عيوض نه لالچ عيوض چنڊ ٽڪڻ جي رقم تي شڪار ڪري پاڻ لڄائيون ٿا ڪٿي ته وري عياش پرست اسان جا ڀوتار ڪامورو نه رڳو عرب ملڪن جي شھزادن جنرلن سميت ٻاهر ملڪن جي ماڻهن کي پنھنجي شڪارگاھن سميت پرديسي مھمان بڻيل پکين کي موت جي پروان چاڙھيوڇڏين ۽مھمانن جي پيا خاطر توازن ڪنداآهن اھڙي گناھ ۾سرڪاري خزانن مان پگهارون کڻندڙ ملازم ڪيتريون ئي سھوليتون ميسر ھوندي به وائدڊلائيف کاتو به شامل آهي سرڪاري طور تي ملڪ اندر شڪار تي پابندي لڳل آهي پر قدرتي حسن جي جمالياتي سونھن رکندڙ ڍنڍن سميت ٻيلن ۾شڪار نه ڪرڻ لاءِ قانوني اقدام ھوندي به خاموش تماشائي بڻيل ھجڻ ڪري بالا آفيسرن ڪامورن ۽وائلڊلائيف جي نااهل عملدارن جي نااهلي سبب شڪار روزانو جو معمول بڻيل آهن شڪار ۾ديسي پرديسي پکين سميت اڻلڀ نسلن جي جانورن کي به شڪار جي ٻليدان چاڙھيوڇڏين جن ۾ھرڻي ڦاڙھي جي ناياب نسل کي ڪين بخشين ديسي پکين جانورن ۽پرديسي پکين کي پرديسي شاھي مھمان ھٿان شڪار ٿيندڙ پکين واري عمل تي سنڌ ڪري به ڇا ٿي سگهي سوڳوار کان سواءِ سنڌ کي مليل پنھنجن جو اھنجن جو تدارڪ به نه ٿو ٿئي ته ٻين کي ڇاٿوچئي سگهجي ھن وقت سنڌ جو سينو سياري جي اٿندڙلھرن جي لپيٽ ۾آيل آهي جتي بنااجھي ويٺل ماروئڙن جي جسم جو رت ڄمائي بيساختو ڪري ڇڏيو آهي اتي سندن جي واھر ڪرڻ وارو ڪو به سرڪاري ادارو موجود نه ھوندو سواءِ ڪو خداترس انسان ائين منهنجي سنڌ ڌرتي تي ڪھي ايندڙ.مھمان پکين کي مارڻ لاءِ تير ڪمان ترڇي بندوقون ۽چاقون تيزي سان تکا ٿيندا ھوندا پکين کي پناهه ڏيندڙوائلڊ لائيف کاتي جا ملازم ڳولي ڪون لڀندا پوءِ قطري شھزادن جي بندوق جي ٺڪاون ۾ اڏار ڪندڙ پکي زخمي حالت ۾اچي پٽ تي ڦھڪوڪندي زخمن جاتاب نه سھندي بيرحم شھزادن جي ڇاڙتن جي ھٿن ۾جھليل خنجر کي پنهنجي سسي تي وھندو ڏسي خاموشي سان اکيون ٻوٽي ڇڏيندو ان لفظ چوڻ سان ته اھڙي حشر ٿيڻ کان بھتر ھو ته پنهنجي وطن سرديءَ ۾سڙي تڙپي مران ھا سنڌ جيڪا امن ۽شانتي جي ننگري سڏبي ھئي اتي ھاڻ انسان ڇا پر پکي به پرکولي آزادي جي پرواز جوحق نه ٿا رکي سگھن










