لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ سائفر آڊيو ليڪ ۾ عمران خان جي طلبي جي ايف آءِ اي جي نوٽيس تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اسجد جاويد گهرال عمران خان جي سائفر آڊيو ليڪ اسڪينڊل ۾ طلبي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل دليل ڏيندي چيوته ايف آءِ اي نوٽيس ۾ اِهو واضح ناهي ته جوابدار طور طلب ڪيو ويو آهي يا شاهد طور. ان تي جسٽس اسجد جاويد پڇاڻو ڪيوته ان جي جاچ ڪئي وئي آهي ته آڊيو ليڪ ڪئين ٿي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته اِها خبر ناهي ته آڊيو ڪئين ليڪ ٿي؟ عدالت چيو ته ان واقعي جي جاچ ٿيڻ کپي، ڇا آڊيو ليڪ ۾ سڀني کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو يا رڳو عمران خان کان انڪوائري ٿي رهي آهي. عمران خان جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سياسي بنيادن تي ڪيسز لاءِ ايف آءِ اي کي استعمال ڪيو پيو وڃي، اسان جي گذارش آهي ته اها بدنيتي ڏسڻ گهرجي، اسان کي ان معاملي ۾ ايف آءِ آر جو خطرو آهي، فلحال ايف آءِ اي جو هي نوٽيس معطل ڪيو وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايف آءِ اي نوٽيس جاري ڪري سگهي ٿي، جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته ايف آءِ اي نوٽيس نٿي اُماڻي سگهي جڏهن ته وفاقي سرڪار جي وڪيل چيو ته ايف آءِ اي کي نوٽيس ڏئي طلب ڪيو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سائفر آڊيو ليڪ واري معاملي تي عمران خان جي طلبي واري ايف آءِ اي نوٽيس تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو جڏهن ته ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻويهه ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










