ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ ڪراچي سينٽرل محمد جميل خلع جي ڪيس ۾ جوابدار جي گرفتاري بعد ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. فريادي عورت پنهنجي مڙس کان جڏهن خلع لاءِ عدالت ۾ ڪيس ڪيو ته سندس مڙس پنهنجي موبائيل تان زال جا ذاتي اعتراض جوڳا ويڊيو عورت جي ڀاءُ کي موڪلي کيس بليڪ ميل ڪندو رهيو. عورت سائبر ڪرائيم ونگ ۾ شڪايت ڪئي ته هنن مواد برآمد ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار جي وڪيل چيو ته هن جي موبائيل بس ۾ ڪري پئي هئي ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٻئي اهي ويڊيو موڪليا هجن. ساڳئي وقت هن اهو به چيو ته ٿي سگهي ٿو ته جڏهن زال مڙس گڏ رهندا هئا ته ان وقت عورت پاڻ ئي مڙس جي نمبر تان ويڊيو فارورڊ ڪيا هجن. سرڪاري وڪيل شيراز راڄپر سندس موقف رن ڪندي چيو ته موبائيل فون جوابدار وٽان سائبر ڪرائيم وارن برآمد ڪيا آهن ۽ هن پاڻ ويڊيو موڪليا آهن، جنهن جي رپورٽ موجود آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي درخواست رد ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو.










