سکر( ن سنڌ يار) سکر جي نيوپنڊ واري علائقي ۾ زھريلو کاڌو کائڻ سبب 12 ورھين جو نيگر فوت ٿي ويو آھي ، واقعي جي اطلاع بعد پوليس پھچي ٻارڙي جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ، ٻارڙي جي وارثن موجب ته رات جي ماني کائڻ بعد واصف جي طبعيت خراب ٿي وئي ، جنھن بعد ھو فوت ٿي ويو ، ممڪن آھي ته ماٽيلي ماءُ کاڌي ۾ زھر ملائي کيس ماريو آھي ، پوليس جو چوڻ آھي ٻارڙو واصف مغل پي عرفان مغل سان ڊينٽنگ پنٽگ جو ڪم ڪندو ھو ،واقعي جي ھر رخ کان جاچ ڪري رھيان آھيون پوليس.










