ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاه ٽيليفون تي رابطو ڪري سنڌ جو امير چونڊجڻ تي مبارڪباد ۽ “ درياهه بچايو مارچ” ۾ جماعت اسلامي جي ڀرپور شرڪت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن سنڌ توڙي ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي سنڌوءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ، اين ايف سي ايوارڊ سميت سنڌ جي حقن ۽ دنگن تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف گڏجي پُرامن ۽ آئيني جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته جماعت اسلامي سڄي ملڪ ۾ “ حق ڏيو عوام کي تحريڪ” هلائي رهي آهي سنڌ جي مفادن تي سودي بازي ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت ڪونه ڏبي. جماعت اسلامي سنڌ جي حقن لاءِ هر محاذ تي جاکوڙ ڪندي رهندي. هوڏانهن سنڌ جي امير ايس يو پي چئيرمين سيد جلال محمود شاهه جي بيماري جي حوالي سان پڻ سندس جلد صحتيابي جي دُعا ڪئي آهي.










