آفتاب عالم مهر
سنڌ جي ڌرتي جيڪا ھميشه کان محبت، ڀائيچاري، رواداري ۽ صوفين جي سهپ سان جُڙيل رهي آهي، اڄ هڪ اهڙي الميي جو شڪار آهي، جنهن کي ڏسي هر حساس دل رکندڙ ماڻهوءَ جي دل جھري پوي ٿي. هيءَ ڌرتي جيڪا اميد ۽ جيئڻ جو پيغام ڏيندڙ آهي، اڄ انهيءَ ڌرتيءَ تي روزانو خبرون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته ڪنهن غريب هاري، ڪنهن نياڻي، ڪنهن مزدور پيءُ يا ڪنهن بي وس ماءُ پنهنجي حياتيءَ جو ڏيئو پاڻ وسائي ڇڏيو. تازين رپورٽن موجب رڳو اٺن مهينن دوران سنڌ ۾ 383 ماڻهن پنهنجون زندگيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. هي فقط انگ اکر ناهن، پر هر انگ پويان اجڙيل گهر، بي وس ٻار، زخمي ماءُ ھن سماج لاءِ وڏو سوال بڻيل آهن. هي رڳو موت نه پر سماج جي زندھ رهڻ تي سوال آهي. ماڻهو آخر ڇو اهڙي انتها تائين پهچي وڃن ٿا؟ ڪهڙا زخم آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي جيئڻ بدران مرڻ لاءِ اڪسائن ٿا؟ اهو سوال اسان سڀني لاءِ آهي. سنڌ ۾ غربت هڪ وڏو الميو بڻيل آهي. هاري ڏينهن رات پورهيو ڪري ٿو پر فصل جو نفعو وڏيرا، واپاري ۽ منافعي خور کڻي وڃن ٿا. مزدور پنهنجو ساھ سڪائي ٿو پر جڏهن ھڪ ھاريءَ کي سخت محنت باوجود ماني ڳڀو نصيب نه ٿئي، ٻار اسڪول بدران مزدوري تي وڃن، گهر ۾ دوا لاءِ پئسا نه هجن، ته ماڻهوءَ جي اندر ۾ اميد جي روشني وسامي وڃي ٿي. غربت جو اهو هٿيار ماڻھوءَ کي نفسياتي طرح ڪمزور ڪري ٿو ۽ هو موت کي ڀاڪر پائڻ ۾ ئي آرام محسوس ڪري ٿو.
ٻئي پاسي بيروزگاري سنڌ جي نوجوانن جا خواب قتل ڪري رهي آهي. ڊگريون کڻندڙ نوجوان جڏهن نوڪري لاءِ وڃن ٿا ته سندن سامهون سفارش، پنھنجا نوازي، سياسي ڀرتي ۽ رشوت جا دروازا کلن ٿا، جڏهن انھن نوجوانن جي قابليت ۽ محنت کي ڪا اهميت نٿي ملي. نتيجي ۾ نوجوانن جي دلين ۾ مايوسيءَ جو زهر ڀرجي وڃي ٿو. ڪيترائي نوجوان جيڪي پنهنجي والدين جو پوڙھائپ ۾ آسرو بڻيل آهن، جڏهن ناڪام ٿين ٿا ته سندن ذهن ۾ اهو خوفناڪ خيال اچي ٿو ته هاڻي آخر منهنجي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ ۽ اهو ئي خيال انهن کي زندگيءَ کان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪري ٿو.
سنڌ ۾ وياج جو عذاب هڪ ٻيو ناسور بڻجي چڪو آهي. غريب ماڻهو ٿوري آساني لاءِ قرض وٺي ٿو، پر وياج تي وياج وڌي اهڙي زنجير بڻجي ٿو، جنهن مان نڪرڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو. قرض ڏيندڙن جون ڌمڪيون، عدالتن جا ڪيس، عزت وڃائڻ جو خوف ۽ روزانو سماجي تذليل ماڻهن کي نفسياتي طور ماري ڇڏين ٿا. ڪيترن واقعن ۾ ڏٺو ويو آهي ته وياج جي جبر سبب هاري پنهنجو زمين وڪڻي ٿو، مزدور پنهنجن ٻارن کي بک ۾ ڏسي ٿو ۽ آخرڪار پاڻ کي ختم ڪري ڇڏي ٿو. وياج خلاف سخت قانون ھجڻ گهرجي، بئنڪن ۾ بغير وياج قرضي سهولتون ھجڻ گھرجن ته شايد پوءِ ئي ان ناسور کي روڪي سگهجي ٿو.
عورتن جي حالت به انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. سنڌ ۾ ڪيترين نياڻين کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو وڃي ٿو، ڪيترين کي زبردستي شاديءَ ۾ ڌڪيو وڃي ٿو، گھرو تشدد عام ٿي ويو آهي، ۽ جڏهن معصوم عورتون زندگيءَ جي هر موڙ تي بي وس بڻجن ٿيون. جڏهن هڪ عورت پنهنجي عزت ۽ حياتي ٻنهي کي خطري ۾ ڏسي ٿي، جڏهن هوءَ سماج کان سھارو، مدد يا تحفظ حاصل نه ٿي ڪري سگهي، تڏهن هوءَ پنهنجي زندگيءَ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي. عورتن لاءِ سماجي تحفظ، قانوني مدد ۽ پناھ گهر قائم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
ذهني صحت جو معاملو به وڏي تباهي بڻيل آهي. اسان وٽ ڊپريشن ۽ پريشاني کي بيماري ئي نٿو سمجهيو وڃي. ماڻهو پنهنجي دلين ۾ هزارين ڳڻتيون رکي گهمن ٿا پر ڪنهن کي ٻڌائڻ کان لڄن ٿا. ڊاڪٽر وٽ وڃڻ کي شرم سمجهيو وڃي ٿو. نتيجي ۾ ماڻهو اندر ئي اندر ٽُٽي پون ٿا ۽ آخر ۾ پاڻ کي ختم ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. حڪومت ۽ سماج ٻنهي جي ذميواري آهي ته ذهني صحت لاءِ مرڪز قائم ڪيا وڃن، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪائونسلر مقرر ڪيا وڃن، ۽ ماڻهن کي اهو شعور ڏنو وڃي ته ذهني بيماري به عام بيمارين جيان علاج لائق آهي. پر سڀ کان وڏو الميو حڪومت جي بيحسي آهي. هر سال حڪومت وڏا واعدا ڪري ٿي ته ذهني صحت جا ادارا ٺهندا، روزگار پيدا ٿيندو، غربت گهٽ ٿيندي، پر عملي طور تي ڪجھ به نه ٿو ٿئي. نتيجي ۾ روز ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ نئون جنازو کڄي ٿو. حڪومت جو ڪم رڳو انگ ڳڻڻ ناهي، پر ماڻهن جون زندگيون بچائڻ به آهي. ميڊيا جي ذميواري به گهٽ ناهي. جڏهن ميڊيا خودڪشيءَ جي خبر کي سنسني خيز انداز ۾ پيش ڪري ٿي، ته خطري ۾ ويٺل ماڻهو متاثر ٿين ٿا. ميڊيا کي گهرجي ته اهڙين خبرن کي ذميواريءَ سان پيش ڪري. زندگيءَ جا پيغام ڏيکاريا وڃن، مدد جا رستا ٻڌايا وڃن، مايوس ماڻهن کي همٿ ڏني وڃي.
سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشين کي روڪڻ لاءِ حل موجود آهن. هر ضلعي ۾ 24 ڪلاڪ هيلپ لائين قائم ڪرڻ گهرجي، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ نفسياتي صلاحڪار مقرر ڪيا وڃن، نوجوانن لاءِ فني تربيت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن، عورتن جي تحفظ لاءِ سخت قانون ۽ شيلٽر هائوس قائم ڪيا وڃن، غريبن لاءِ بغير وياج قرضي سهولتون ڏنيون وڃن، ۽ وياج جي ظالمانه نظام کي سختيءَ سان روڪيو وڃي. ان سان گڏ ميڊيا ۽ سماجي اڳواڻن کي ماڻهن ۾ شعور وڌائڻ لاءِ مهم هلائڻي پوندي ته زندگي مرڻ لاءِ ناهي، زندگي جدوجهد لاءِ آهي.
زندگي ھر انسان لاءِ الله پاڪ طرفان انمول تحفو آهي. هڪ فرد جي وڃڻ سان نه رڳو هڪ گهر اجڙي ٿو، پر سڄو سماج زخمي ٿي پوي ٿو. اسان کي ضرورت آهي ته هڪٻئي کي ٻڌون، هڪٻئي جو هٿ پڪڙيون، مايوس دلين کي همٿ ڏيون ۽ اميد جو پيغام ڦهلايون. سنڌ کي اڄ اميد جي ضرورت آهي، نه مايوسيءَ جي. زندگي ايتري سستي ناهي جو هڪ پل جي تڪليف ۾ قربان ڪئي وڃي. هر اونداهيءَ کان پوءِ روشني اچي ٿي، هر رات کان پوءِ سج نڪرندو آهي، ۽ هر ڏک کان پوءِ زندگيءَ جو نئون باب کلي ٿو. اسان سڀني تي فرض آهي ته سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشين کي روڪڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪريون، ڇاڪاڻ تہ زندگي جدوجهد جو نالو آهي، ۽ جدوجهد ئي اميدن کي جنم ڏئي ٿي.!










