زمين جي تڪرار تان پتافي برادري ۾ جهيڙو، 3 قتل 3 زخمي

ڏهرڪي(ن س) ڏهرڪي لڳ پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، لابارو ڪرڻ لاءِ ويندڙن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ، گوليون لڳڻ ڪري ٻن سڳن ڀائرن سميت ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا. جڏهن ته پيءُ پٽ سميت ٽي ڄڻا ٻيا زخمي ٿي پيا. ٽن مک جوابدار انور علي پتافي، اصغر علي پتافي ۽ اختر علي پتافي کينجهو ٿاڻي پهچي پاڻ گرفتاري پيش ڪري ڇڏي. گرفتاري ڏيندڙن جو چوڻ هو ته مقتولن سندن ننگن ۾ هٿ وڌا جنهن تي غيرت ۾ اچي کين قتل ڪيو. زخمي واقعي واري هنڌ تڙپندا رهيا، لاش ٽن ڪلاڪن بعد کنيا ويا. اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، ڳوٺ اميد علي پتافي ۾ لابارو ڪرڻ لاءِ ويندڙ پتافي برداري جي ماڻهن مٿان پنهنجي برداري جي سئوٽن پاران زمين جي معاملي تان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، نتيجي ۾ ٻه سڳا ڀائر قالو پتافي ۽ الله وڌايو پتافي ۽ سندن سئوٽ سونارو پتافي عڏي تي فوت ٿي ويا. گوليون لڳڻ ڪري پيءُ پٽ قائم الدين ۽ شبير پتافي، علي گوهر پتافي زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن پاران بروقت کينجهو ٿاڻي جي حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پر پوليس واقعي واري هنڌ دير سان پهتي. زخمي ٽن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ تڙپندا رهيا. ڳوٺاڻن زخمين کي ڏهرڪي اسپتال پهچايو. پيءُ پٽ قائم الدين ۽ شبير جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري رحيم يار خان نيو ويو. وارث ٽن ڪلاڪن بعد ڊاٽسن ۾ لاش کڻائي ڏهرڪي اسپتال پهتا. قتل ٿيل قالو پتافي ۽ الله وڌايو پتافي جي ڀاءُ محمد بچل پتافي صحافين کي ٻڌايو ته انور پتافي ۽ اصغر پتافي سان زمين جي ٺيڪي تان مسئلو هلندڙ هو، ڪالهه اسان جي ڪڻڪ جي فصل کي باهه به ڏني وئي. اهڙو اطلاع کينجهو ٿاڻي به ڏنوسين پر پوليس واهر نه ڪئي. اڄ صبح جو سوير منهنجا ڀائر ۽ سئوٽ لابارو ڪرڻ لاءِ زمين تي وڃي رهيا هئا ته اصغر ۽ انور پتافي جي ڌر جا 10 هٿياربند زمين ۾ لڪا ويٺا هئا جن فائرنگ شروع ڪري ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو