زمين جي تڪرار تان جهيڙو، 9 ڄڻا زخمي

زمين جي تڪرار تان جهيڙو، 9 ڄڻا زخمي

ڪشمور(رپورٽ اصغر علي چانڊيو ) ڳوٺ بچل خان چاچڙ ۾ زمين تڪرار تان مزاري ۽ چاچڙ برادري ۾ جهيڙو لٺيون لڳڻ سبب 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ اعتبار مزاري، ڳوڌو مزاري فخر دين مزاري، شريف چاچڙ ،حاڪم علي چاچڙ، حنيف چاچڙ، کي سول اسپتال ڪشمور ۾ طبعي امداد ڏني وئي، خبر موجب ڪشمور جي ڳوٺ بچل چاچڙ ۾ مزاري ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا ڪشمور پوليس موجب چاچڙ برادري جي گھر ۾ ڪجهه مھينا اڳ چورن چوري جي واردات دوران مزاحمت تي 2 سڳا ڀائر نوجوان قتل ڪيا ھئا چاچڙ برادري طرفان مزاري برادري جي ڌر مٿان قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو هو ٻنهي ڌرين جو فيصلو به رکيل هو ته اڄ ٻيهر زمين جي مالڪي تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آهي چاچڙ برادري موجب زمين اسان جي آھي مزاري برادري طرفان ڏاڍ ڪيو پيو وڃي ٻئي پاسي مزاري برادري جي زخمين ڳوڌو مزاري فخر دين مزاري ٻڌايو ته چاچڙ برادري جي لٺبردار ماڻهن ڪاھ ڪري پيٽرول پمپ تي کين زخمي ڪيو شھر طرف آياسين ته نادره آفيس آڏو تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي ٻئي پاسي ڪشمور پوليس طرفان جھيڙو ڪندڙ ٻنهي ڌرين خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو