ٺاروشاھ (اسد شاھ بخاري) آسا پور جي رھواسين سھتا برادري جي ماڻھن زمين تي ناجائز قبضو ڪندڙ بااثر شمش الدين ۽ ٻين خلاف نيشنل پريس ڪلب ٺاروشاھ تي جادن سھتو پنھل سھتو ۽ غلام حسين سھتو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو جتي ھنن ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جو بااثر شمش الدين ۽ ٻيا اسان جي زمين تي ناجائز قبضو ڪري ويٺا آهن پنھجو حق ڳھرڻ تي بااٽر ڏمرجي پيا آهن گھرن مٿان بلا جواز پوليس جي چڙهائي ڪرائي وڃي ٿي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون به ڏئي رھيا آهن جڏھن ته اسان کي ھنن مان انتھائي جاني ۽ مالي خطرو آهي ھنن چيو ته اسان برداري جي چڱن کي ڪيترا ڀيرا دانھون ڏئي چڪا آھيون پر ھو بااثرن جي سپورٽ جي ڪري ڪنهن جي به مڃڻ لاء تيار ناھي ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي ته زمين تان ھٿ کڻو نه ته ھن جو وڏو نقصان کڻنو پوندو ھنن وزير اعليٰ سنڌ آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان گھر ڪندي چيو ته اسان کي ڳوٺ جي قبضا خور شمش الدين کان پنهنجو حق وٺي ڏنو وڃي ۽ اسان کي جاني تحفظ ڏنو وڃي.










