ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان نيوي بلوچستان جي زلزلي کان متاثر علائقن ۾ امدادي سامان ورهايو. ڪوئٽا جي اسٽيشن ڪمانڊر ڪيپٽن محمد اياز جي اڳواڻي نيوي جي ٽيم هرنائي ضلعي جي متاثر ٿيل ڳوٺن ۾ ماڻهن کي راشن بيگ، گرم ڪپڙا، ڪمبل، بسترا وغير فراهم ڪيا. نيوي سدائين ڏکي وقت ۾ قوم جي خدمت ڪرڻ واري پنهنجي روايت برقرار رکندي زلزلي کان متاثرن جي مدد لاٰ ڪراچي مان امدادي سامان جن ۾ دوائون به شامل هيون، متاثرن لاءِ روانيون ڪيون.










