ليکڪ: صوفي طارق علي کوسو
عالمي دنيا م شاگردن جو سڌو سنئون رابطو سندس ملڪ جي صدر ء وزير اعظم سان ھوندو آھي جڏھن بہ شاگردن سان نامناسب واقعو ٿيندو آھي تہ انھي جو رپورٽ ھيٺيان کان وٺي ملڪ جي ھيڊ تائين پھچايو ويندو آھي انھي تي ايڪشن وٺي شفاف جاچ ڪرائي ويندي آھي گنھگارن تائين پھچي قانوني ڪاروائي ڪيو ويندو آھي ڇاڪاڻ اتي قانون کان مٿانھون ڪير بہ نہ آھي ڇاڪاڻ تہ دنيا م شاگردن کي مان، مرتبو حاصل آھي انھي لاء شاگردن کي ھر شي واضع ڪرڻ جو حق ھوندو آھي پنھنجي خيالن جو کليل اظھار ڪري سگھي ٿو. دنيا جي سڀني ملڪن م اسڪولن کان وٺي ڪاليجن ء يونيورسٽين تائين شاگردن کي آزادي فراھم ڪيو ويندو آھي جيئن شاگرد پنھنجا خيال پيش ڪن. شايد شاگردن جي ذھنن مان نئين تحقيقڪاري تي ڪم ڪرڻ جو رستو ڪري ء انھي تي ڪم ڪيو وڃي، ملڪ جي ترقي جي لاء نوان مشاھدا پيش ڪري يا ٻيو نہ تہ شاگردن کي روزاني زندگي گذارڻ جي حوالي سان سٺي نموني جو ليڪچر ڏئي سگھجي ء پڙھائي لاء اتساھ ڏنو وڃي. ائين ڪرڻ سان نہ صرف شاگرد ذھني طرح تيار ٿيندو آھي پر انھن تان ذھني دٻاء بہ گھٽجي ويندو آھي.
دنيا م شاگردن جو قدر ٿيندو آھي تہ دنيا م روزاني بنياد تي ھنر ء فن رکندڙ شخص اڳيان ايندا آھن. عالمي دنيا جنھن مان سٺا سائنسدان، سياستدان، بزنس مين، ڊاڪٽر ء انجيئنر تيار ٿيندا آھن جيڪي صرف پنھنجي ملڪ ء ملڪ جي عوام جي خدمت ڪندا آھن. اھي ڳالھايون دنيا جي سلجھيل ملڪن ء اعلي ماڻھن جا آھن.انھن ڪارنامن مان مھذب ملڪن م قانون نالي شي جو ثبوت ملندو آھي.
انھي تي سوچون تہ ٿا خيالن جو ڏي وٺ بہ ڪيون ٿا. پر پاڻ اڳتي نہ ٿا وڌو تنھن جو سبب ڳولڻ م ناڪام ڇو ويا آھيون پر اڄ انھن تان پردي کڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
ھاڻي پاڻ پنھنجي اھم مسئلي ء موضوع عنوان صرف وڌو ٿا دنيا م سھولتن کي ڏسندي پنھنجي ملڪ طرف نظر ڦيرايون ٿا
اسان کي پنھنجي ملڪ م صرف جو صرف بيروزگاري، بدحالي، تباھي ڏسڻ م اچي ٿو
ترقي ء انصاف تہ شايد اسان لاء گمنام سپنو آھي جيڪو ھنن حالتن م ڪڏھن بہ ڏسڻ م نٿو اچي.
سنڌ جي تعليمي نظام بہ انھي معذور جيان ٿي ويو آھي جيڪو اٿڻ جي ڪوشش ئي نہ ڪندو آھي نہ وري ٻيو ڪو اٿارڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. پر سنڌ جي درسگاھن م شاگردن مٿيان ذھني دٻاء وڌو ويندو آھي جيئن شاگرد خاموش ڪري ويھن جيئن اھي اسان جي رحم وڪرم تي ھجن جيئن شاگردن جو پنھنجن حقن جو اظھار ڪرڻ ڄڻ انتظاميہ لاء خطري جي گھنٽي وڄائي ٿي.
ائين ئي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگرد سان نامناسب رويو رکيو ويو آھي. يونيورسٽي م شاگردن کي حراسان ڪري خاموش رھڻ لاء چون ٿا. سنڌ زرعي يونيورسٽي م شاگردن جي ھڪ بھترين پر امن تحريڪ ھلي رھي ھئي پر سا انتظاميہ کي نہ وڻي پر اھو تہ ڏسجي تہ شاگردن پاران ڪھڙو مطالبو ڪيو ويو آھي. انھن جا مطالبا تہ واضع ھئا.
1:ايڊميشن جي وڌايل فيس گھٽ ڪئي وڃي
2: ھاسٽل م ميس ماني کي معياري بڻايو وڃي ء ھاسٽل ٻيون سھولتون مھيا ڪيون وڃن.
3 سنڌ جي ڊوميسائل تي آيل ٻين صوبن جي شاگردن جون ايڊميشون ء ڊگريون ڪينسل ڪيون وڃن.
شايد اھي مطالبا غير قانوني ء غير آئيني تہ ڪونہ آھن پر انھن مطالبن جي بنياد تي شاگردن کي مختلف طريقڪارن سان حراسان ء پريشان ڪيو ٿو وڃي. انھن شاگردن کي سپلين، رسٽيگيٽ ء ڪوڙن ڪيسن جون ڌمڪيون ڏيندا آھن جيڪو قانون کان مٿانھون عمل آھي ائين قانون کان متانھون قدم کڻي ڪري سنڌ زرعي يونيورسٽي انتظاميہ ٻن شاگردن فياض نوتڪاڻي ء آصف جي ھاسٽل الاٽ تي ھڪ سال بندش ھڻي ڇڏي آھي انھن جي ھاسٽل م داخلا تي سخت پابندي آھي انھي کان پوء ھاسٽل تي شاگردن سان ڪيترائي واقعا پيش ٿين ٿا جيڪي ميڊيا تائين نٿا پھچي سگھن. جيڪڏھن شاگرد بہ پنھنجا حق نہ گھرن ء انتظاميہ بہ فراھم نہ ڪير تہ پوء ائين سمجھون انتظاميہ پاران شاگردن کي جانور سمجھيو وڃي ٿو جنھن لاء ڪوبہ سھولتون نہ آھي
ھڪ پاسي انتظاميا فيس وڌائي شاگردن جي استحصال ء تڪليفن م پيڙي رھي آھي ٻئي پاسي انتظاميہ جي ڪنھن بہ عملدار جي پگھار م ٿوڙي بہ ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي تڏھن ھو پاڻ بک ھڙتالون، احتجاج ء ڌرڻا ھڻندا آھن زرعي يونيورسٽي م پيغمبري پيشي پويان لڪل راڪاسن کان پڇون تہ لکين روپين پگھارون کڻندڙ کان اھو سوال ٿئي تہ توھان پوء ڇو اليڪٽران، پرنٽ ء سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريو. جيڪڏھن شاگردن جو ڳالھائڻ غير قانوني تہ پوء توھانجو ڳالھائڻ ڪھڙو آئيني آھي. شاگردن جي ڳالھائڻ جو مقصد آھي تہ زرعي يونيورسٽي مان مڪمل ڪرپشن ختم ٿيڻ گھرجي جيڪڏھن شاگردن کي گندو پاڻي پئيڻ لاء ملي ٿو تہ يونيورسٽي جي پٽيوالي کان وٺي وي سي صاحب تائين سڀ” منرل واٽر “ نہ پر اھو گندو پاڻي واپرائين جيئن انھن کي شاگردن تي خدا ڪارڻ ترس ء رحم اچي. انھي لاء زرعي يونيورسٽي ٽندوڄام جي شاگرد کي نہ صرف پر پوري سنڌ جي نوجوانن، پوڙھن، مرد، عورتن، سنڌ جي ساڃاھ وندن ء سول سوسائٽي کي آواز اٿارڻ گھرجي شاگردن کي ”سنڌ جي مستقبل “کي ھنن ظالمن، راڪاسن ء درندن کان بچائي سنڌ کي ايماندار ء سٺا نالا تيار ڪري ڏيو پر وڌيڪ لکندي ملڪ م انصاف لاء موجود اعلي اداري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ٿا تہ زرعي يونيورسٽي جي ليڪچرار ءپروفيسر کان وٺي رجسٽرار ء وي سي تائين سڀني کي پنھنجي عھدن تان لاھي.شاگردن جي مستقبل برباد ڪرڻ جي ڪيس م گرفتار ڪري جوڊيشلي شفاف جاچ ڪرائي وڃي تہ ٻيا ڪھڙا نالا انھن سان انھي ڪڌي ڪم م ٻڌل آھن ڪنھن ڪنھن گڏجي سنڌ جي شاگردن کي مرڻ مجبور ڪيو آھي بس ھاڻي شاگردن کي سپريم ڪورٽ کان علاوہ رب ڪريم ئي بچائي سگھي ٿو.










