اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف سومر ڏينهن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته حڪومت جي نجڪاري پروگرام جا سمورا مرحلا مقرر ڪيل وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن.
اسلام آباد ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري بابت جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي ته هو پاڻ ۾ ويجهو سهڪار سان ڪم ڪن، جيئن نجڪاري پروگرام تحت مقرر ڪيل سڀئي هدف ۽ وقت سر مڪمل ٿي سگهن. اها ڳالهه وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻائي وئي.
اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، سردار اويس خان لغاري ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم چيو ته زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري جو ڍانچو اهڙي نموني تيار ڪيو وڃي، جو بئنڪ جو زرعي شعبي کي مالي سهائتا فراهم ڪرڻ وارو بنيادي ڪردار محفوظ رهي.
هن چيو، “اهو يقيني بڻايو وڃي ته نجڪاري کان پوءِ به زرعي ترقياتي بئنڪ ننڍن ۽ وچولي درجي جي آبادگارن کي زرعي قرض ۽ مالي وسيلا فراهم ڪرڻ تي پنهنجو ڌيان برقرار رکي.”
وزيراعظم چيو ته خاص طور ننڍن ۽ وچولي درجي جي آبادگارن لاءِ مالي وسيلن تائين رسائي بهتر بڻائڻ في ايڪڙ زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته زرعي ترقي پاڪستان جي اقتصادي واڌ ۽ خوراڪ جي تحفظ لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي.
نجڪاري واري وزارت جي عملدارن اجلاس کي حڪومت جي نجڪاري پروگرام تي ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ مستقبل جي هدفن بابت آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن پروگرام ۾ 27 سرڪاري ادارا شامل آهن، جن جي نجڪاري ٽن مرحلن ۾ ڪئي پئي وڃي.
بريفنگ موجب، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (PIA) ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري جي مالي مرحلي (Financial Closing) کي مڪمل ڪيو ويو آهي. عملدارن ٻڌايو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو پهريون مالي مرحلو ۽ انتظامي ڪنٽرول جي منتقلي 29 جون تي مڪمل ڪئي وئي.
اجلاس ۾ اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (IESCO)، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (FESCO) ۽ گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (GEPCO) جي مجوزه نجڪاري تي به اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
عملدارن ٻڌايو ته انهن ڪمپنين لاءِ دلچسپي ظاهر ڪرڻ واريون درخواستون (Expression of Interest – EOI) جاري ڪيون ويون آهن، جن جي جمع ڪرائڻ جون آخري تاريخون فيسڪو لاءِ 7 آگسٽ، گيپڪو لاءِ 21 آگسٽ ۽ آئيسڪو لاءِ 7 سيپٽمبر مقرر ڪيون ويون آهن.
اجلاس کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته انهن بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين ۾ عالمي ڪمپنين دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته سيڙپڪارن سان روڊ شوز پڻ جاري آهن.
فيسڪو، گيپڪو ۽ آئيسڪو گڏيل طور پنجاب جي اهم صنعتي، واپاري ۽ شهري علائقن، اسلام آباد واري علائقي ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪجهه حصن ۾ 1 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ صارفين کي بجلي فراهم ڪن ٿيون.
هن نجڪاري عمل تحت سيڙپڪارن کي انهن ٽنهي ڪمپنين ۾ 51 سيڪڙو کان 100 سيڪڙو تائين شيئرز ۽ انتظامي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي.
عملدارن وزيراعظم کي زرعي ترقياتي بئنڪ جي نجڪاري بابت پڻ آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ٽرانزيڪشن جو ڍانچو اهڙي نموني تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن سان بئنڪ جو زرعي قرض فراهم ڪرڻ وارو بنيادي مقصد محفوظ رهي.
اجلاس ۾ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي مجوزه نجڪاري تي به اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
وزيراعظم عملدارن کي هدايت ڪئي ته سڀني جاري نجڪاري معاملن جي ويجهي نگراني ڪئي وڃي ۽ انهن کي مقرر ڪيل وقت موجب مڪمل ڪيو وڃي.
اهي هدايتون وزيراعظم ان بيان کان 3 ڏينهن پوءِ جاري ڪيون، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو هو ته “موجوده نظام مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي” ۽ جيستائين “هن نظام کي ٻيهر ترتيب نه ڏني ويندي، تيستائين حالتون درست نه ٿينديون.”
ٻئي الڳ اجلاس ۾، جيڪو خانگي سيڙپڪاري بابت هو، وزيراعظم شهباز شريف عملدارن کي هدايت ڪئي ته جلد کان جلد هڪ پرائيويٽ ايڪوئٽي فنڊ قائم ڪرڻ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪيو وڃي، جنهن سان سيڙپڪاري کي هٿي ملي، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن (SMEs) جي مدد ٿئي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي فروغ ملي.
هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته پاڪستان جي پبلڪ ايڪوئٽي مارڪيٽ ۽ پرائيويٽ ايڪوئٽي فنڊ جي ترقي لاءِ هڪ جامع منصوبو تيار ڪري پيش ڪيو وڃي، جيئن سيڙپڪاري لاءِ سرمائي تائين رسائي بهتر بڻائي سگهجي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي به متوجهه ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته، “خانگي سيڙپڪاري جو فروغ ملڪ جي اقتصادي ترقي لاءِ انتهائي ضروري آهي.”
هن وڌيڪ چيو ته پرائيويٽ ايڪوئٽي فنڊ سيڙپڪاري، ڪاروباري واڌ ۽ روزگار جي نون موقعن جي پيداوار لاءِ هڪ اثرائتو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته کان کني، زراعت، مالداري، توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙا شعبا پاڪستان جي اقتصادي ترقي جا اهم محرڪ بڻجي سگهن ٿا.
وزيراعظم زور ڀريو ته حڪومت اهڙين پاليسين کي اوليت ڏئي رهي آهي، جن ذريعي خانگي شعبي جي اڳواڻي ۾ سيڙپڪاري، صنعتي ترقي ۽ برآمدن جي واڌ وسيلي معيشت کي پائيدار بنيادن تي مضبوط بڻائي سگهجي.
اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر ۽ ٻين سينيئر سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.










