ڪراچي (شهزادو مستوئي) ملڪ جي نالي واري قانوندان ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو اختيار نه چيف جسٽس جو آهي ۽ نه ئي فوج جو پر اهو اختيار رڳو وزيراعظم جو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهو پارليامينٽ جي خود مختياري جو بنيادي اصول آهي جنهن ۾ عدالت مداخلت نه ڪري سگهي. عدالت محترم ادارو آهي پر پارليامينٽ جي خودمختياري سڀني کان مٿانهين آهي. آرمي چيف جسٽس مقرري بابت طريقيڪار يا وزير اعظم جي فيصلي کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو پر آئين جي آرٽيڪل 243 هيٺ آرمي چيف جي مقرري بابت صدر مملڪت وزير اعظم جي سفارش کي منظور ڪرڻ جو پابند آهي. آئين مطابق وزير اعظم آرمي چيف چيف جي مقرري بابت صدر مملڪت کي سفارش ڪري سگهي ٿو ۽ صدر مملڪت ان جي سفارش موجب آرمي چيف مقرر ڪرڻ لاءِ پابند آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته نواز شريف ڪو پهريون ڀيرو نه ٻاهر نه ويو آهي. هو ته اڳ ۾ مشرف سان به ڊيل ڪري ويو هو. جنهن لاءِ سعودي عرب، آمريڪا ۽ ٻين دوست ملڪن جي سربراهن کان مدد ورتي هئي. ان جي ڀيٽ ۾ آصف علي زرداري وڌيڪ بيمار آهي پر هو مڙس ماڻهون آهي جيڪو ضمانت تي آزادي به نه ٿو گهري ۽ ان پنهنجي پارٽي کي به ضمانت جي درخواست داخل ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. نواز شريف کي لنڊن ۾ سندس ڊاڪٽر تائين رسائي ڏيڻ ۽ آصف علي زرداري کي ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي رسائي نه ڏيڻ سان پنجاب ۽ سنڌ جي سياستدانن سان مختلف ورتاءُ ٿيڻ جو تاثر ڏنو پيو وڃي جنهن سان بدگماني پيدا ٿيندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن حڪومت جيڪا ترميم ڪئي اها مون نه ڏٺي آهي پر آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ واضح چيل آهي ته صدر مملڪت وزير اعظم جي مشوري تي آرمي چيف مقرر ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ جون حالتون بدتر ٿينديون پيون وڃن پر مارشلا جو ڪو به امڪان ناهي. هن چيو ته زرداري رڳو ٻه شيون چاهي ٿو هڪ ته کيس ذاتي ڊاڪٽر کان معائنو ڪرايو وڃي ۽ ٻيو ته سندس ڪيس، شاهد ۽ سمورن جوابدارن جو تعلق سنڌ سان آهي ته ڪيس کي ڪراچي منتقل ڪيو وڃي. هن چيو ته نواز شريف کي ته ذاتي ڊاڪٽرن جي سهولت لنڊن تائين ڏني وئي آهي. اهو ٻٽو معيار آهي.










