زال جي خودڪشي جو ٻڌي مڙس به ڦاهو کائي انت آندو

مورو(مورائي اياز سولنگي) ڳوٺ ڌيرڻ ۾ نوجوان شادي شده ناري طاري ڪولهي پنهنجي گهر اندر گاڊر ۾ رسو وجهي پيرن هيٺان پيتي رکي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي خبر پوڻ تي گهر ڀاتي لاش کي هيٺ لاهي گهر ۾ رکيو جڏهن ته ٻئي طرف ڦاهو کاڌل زال جي مڙس نوجوان بابو ڪولهي جهنگ ۾ وڃي بيدمشڪ جي وڻ ۾ ٽوال ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. آس پاس جي ماڻھن وڻ ۾ ٽنگيل لاش ڏسي وارثن کي اطلاع ڏنو جيڪي لاش کڻائي گهرآيا ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.  پوليس زال مڙس جا لاش کڻائي مورو اسپتال آندا جتي ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته وارث سندن لاش پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا. خودڪشي ڪندڙ جوڙي جي وارثن ويرجي ڪولهي، راشي ڪولهي ۽ کيتو ڪولهي صحافين کي  ٻڌايو ته زال ۽ مڙس ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو هو. هنن چيو ته اسان پوسٽ مارٽ نه ڪرايو آھي ۽ نه وري ڪو ڪيس داخل ڪرائينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو