دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف دادو ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي .سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جاپئسه نه ملڻ خلاف دادو جي رٽائرڊ ملازمن دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي .هنن چيو ته رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جا پئسا ڏيڻ جو فيصلوعدالت ڏئي چڪي آھي جنھن کي ست سال گذري چڪا آهن جن ۾ ٻيا صوبا عدالتي حڪمن تي عمل ڪري چڪا آهن پر سنڌ حڪومت ريٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جي رقم ڏيڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت رڳو ڪاميٽيون جوڙڻ ۾ پوري آھي ھنن چيو ته عدالتن جي حڪم باوجود ڪاميٽين مٿان ڪاميٽيون آخر ڇو هڪ ڪاميٽي ڪئي سال ضايع ڪيا آهن وري ڪاميٽي ڏھ سال ضايع ڪندي هنن چيو ته گروپ انشورنس جي پيسن سان گڏ ضايع ڪيل سالن جو مارڪ اپ ڏنو وڃي انصاف ۾ دير انصاف کان انڪار آهي جا نعرا هنيا ويا ھو صرف انشورنس ڪمپني کي فائدو ڏيڻ چاهين ٿا ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آھي ته نوٽيس وٺي سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.










