رياست جا مقصد ۽ ڪي گڻ اوگن

رياست جا مقصد ۽ ڪي گڻ اوگن

طفيل مگسي
رياست يعني اسٽيٽ اٿارٽي جي هڪ تنظيم آهي۔جيڪا سماج جي طبقاتي ورهاست سان لاڳاپيل هوندي آهي۔اسٽيٽ معاشي طور تي حاوي طبقي جي سياسي تنظيم آهي۔جيڪا ان طبقي جي هٿ ۾ ڏاڍ جو۔ڏنڊي جو ۽ جيل و ڦاسي جو هڪ هٿيار هوندي آهي۔جنهن کي اهو طبقو محڪوم طبقي جي خلاف استعمال ڪنڍو آهي۔جنهن ۾ فوج۔پوليس۔عدالتون۔جيل ۽ ميڊيا سڀ شامل هوندا آهن۔
هي رياست بظرياتي رياست هوندي آهي ۽ اهو رياستي نظريو ڪڏهن سياسي هوندو آهي۔ڪڏهن اقتصادي ۽ ڪڏهن مذهبي۔ان جي وسيلي رياست جي رهواسين کي فرمانبرداري جو”ڪتو”بڻايو ويندو آهي۔انهن جي دل و دماغ کي رياست جي مطلبن ۽ مقصدن جي مطابق پوئيو ويندو آهي۽ اها ڳاله ذهن ۾ اوتي ويندي آهي ته انهن جو ۽ رياست جو مفاد ڱڏيل آهي۔حالانڪ حقيقت ۾ رياست هڪ طبقاتي ادارو آهي۔جنهن جو بنيادي مقصد اقتداري طبقي جي مفادن جو تحفظ هوندو آهي۔
مطلب اهو آهي ته رياست حڪمرانن جي طبقي جي هٿ جو هٿيار آهي۔جنهن سان هو بنا حڪمران طبقن کي هيٺان ڪندو آهي۔رياست سردارن۔خانن۔جاگيردارن۔سرمائيدارن ۽ انهن سڀني جي مرشد (امريڪا) جي مفادن جي چوڪيدار هوندي آهي۔رياست جا ٿنڀا يعني عدالت ۔فوج۔اسيمبلي ۽ ميڊيا انهن ئي طبقن جي ٽنڊ والي ڪن ٿيون۔
ان رياست جي صورت ڪٿي بادشاهت واري هوندي آهي ڪٿي مارشل لاء واري ۽ ڪٿي اها جهموري رياست جي صورت ۾ هوندي آهي۔
رياست سماج جي پنهنجي پيداوار آهي۔جيڪا ٻاهر کان نٿي مڙهي وڃي۔نه ئي اها کنڀي جيان اوچتو به زمين کان نٿي ڦٽي۔بلڪ اها ته سماجي ارتقا جي خاص خاصمنزلتي پيدا ٿيندي آهي۔اها هڪ مسلسل تاريخ رکندي آهي۔رياست جيڪا منڍ کان موجود نه هئي ۽ نه ئي اها سدائين کان قائم رهندي۔ان ڪري ته پراڻن زمانن ۾ رت وارن رشتن تي مشتمل سماج هوندو هو۔ٻولي و عقيدو ۽ اٿڻي ويهڻي هڪ جهڙي شيء هوندي هئي۔انسان وسنديون ٺاهڻ کان اڳ ڪنهن علائقي يا سرحد تائين محدود نه هو۔برساتن جو پيچو ڪندا هئا يا شديد موسمن جي عذاب کان بچڻ جي لاء ڪڏهن هتي ڪڏهن هتي لڏو لاهيندو هو۔اتي رت وارن رشتن جي اها آبادي طبقن ۾ ورهايل نه هئي۔انهيء ڪري حاڪم ۽ محڪوم وارو مامرو نه هو ۽ ان ڪري ئي ته پوليس وجيل موجود نه هو
جيئن جيئن سماج ترقي ڪندو ويو ته طبقا وجود ۾ اچي ويا۔ڪو امير بڻجندي بڻجندي بالادست بڻجي ويو ۽ باقي آبادي درجي ۾ ڪرندي وئي۔بالادست زمين۔پاڻي ۽ ڍورن ڍڳن تي قابض ٿيندو ويو ۽ باقي آبادي ان کان محروم ٿيندي وئي۔مطلب اهو ته جڏهن سردار۔خان۔جاگيردارموجود نه هئاته رياست هئي ئي نه۔ليڪن رياست ان وقت پيدا ٿي جڏهن انسان پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ پيداوار جرڻ لڳو۔تڏهن ڏاڍي ۽ مڪار شخص پيداوار جي سرچشمي کي ڦٻائي ورتو۔ٻين کي برقرار رکڻ جي لاء هن کي ڱارڊ جي ضرورت پئي۔يعني هاڻي بالادست يا امير يا جائيداد يا ملڪيت واري طبقي کي پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ جي لاء طاقت جي ضرورت پئي۔تڏهن پوليس يا وجود ۾آئي پنهنجي جائيداد جي حفاظت جي لاء باغي کي جيل ۾ بند ڪرڻ جي لاء قيد خانا ٺاهڻا پيا۔پنهنجي حق ۾ فتوائون ڏيڻ جي لاء هن پنڊت پادري ادارا ايجاد ڪيا۔شاعر کان پنهنجي حق ۾ شاعري چورائي ۽ پنهنجا فيصلا مڙهڻ جي لاء عدالت جوڙي۔۽ هڪ هڪ هڪ ڪري ٻيا ادارا بنجڻ لڳا۔انهن سڀني ناجائزادارن جي مجموعي کي “رياست”سڏيو وڃي ٿو۔ائين پراسراريت ۾ ستل هڪ ديوتا جهڙي سردار ۽ بادشاه جي رياست هلي پئي۔
ٻين لفظن ۾ اسٽيٽ طبقن جي پيداوار آهي۔هن جو ڪم ئي اهو آهي ته اها حاڪم طبقي جي بالادستي کي قائم ودائم ۽ بچائي رکي۔حڪمران طبقو چاهي بادشاه هجي۔ٿيوڪريسي هجي۔جاگيردار هجي۔ڪيپٽلسٽ هجي يا سوشلسٽ۔اسٽيٽ ان جي خدمت ڪندي۔يعني حڪمران طبقي جي خدمت۔اسٽيٽ طبقاتي ادارن جو سڀ ڪجه هوندي آهي۔اسٽيٽ طبقاتي هوندي آهي ۔
اسٽيٽ هن ڳاله جو اعتراف آهي ته اهو سماج پاڻ پنهنجي ناقابل حل ٽڪراء ۾ ڦاسي پيو آهي۔جنهن کي هو پاڻ پري نٿو ڪري سگهي يعني طبقن ۾ ممڪن نٿي رهي تڏهن رياست پيدا ٿيئي ٿي۔
رياست سموري سماج جي فائديمند نمائندو هئي ۽ اها هڪ مجمؤعي جي شڪل ۾ ان جو”ڏيک ڏيڻ وارو”اظهار هئي۔ليڪن ان جو مقصد صرف اهو هئو ته رياست ان طبقي جي هئي۔جيڪو ان دور ۾ سموري طبقي جي نمائندگي ڪري رهيو هو۔پراڻي دور ۾ رياست غلامن جي مالڪن جي هئي۔سرداري نظام ۾ رياست سرداري هوندي آهي۔جاگيرداري ۾ بادشاهت ۽ ڪيپٽلزم ۾ ريپبلڪ۔
سماج ارتقا ڪندو ويو ته رياست به جديد بڻبي وئي۔مگر ان جي ڊيوٽي نه بدلي۔اڄ جديد ڪيپٽلزم ۾ عام جرڳي جي جاء فل فليجد جوڊيشنري سامهون آئي۔هڪ ساڌڙي سوڌڙي قبائلي لشڪر جي جاء اسٽيڊنگ آرمي بيهاري وئي۔پارليامينٽ بڻي ۔اخبار ۽ ريڊيو کان وڌندي وڌندي ميڊيا ٽي وي چينل ۽ سوشل ميڊيا جي صورت اختيار ڪئي۔۔۔۔۔۽ اهو سڀ(يعني رياست) ڪيپيٽلزم جي خدمت ڪن ٿا۔ ان ڪري ته هاڻي پارليامينٽ سرمائيدارن جي حڪومت جي مالڪ ناهي بلڪ ان جي ڀيٽ ۾ حڪومت پارليامينٽ جي مالڪ ۽ آقا آهي۔اصل ۾ جيڪڏهن فاشزم بوزوازي جو ٽيرر سٽي ڊڪٽيٽرشپ آهي ته پارلياماني ڊيموڪريسي ان جي ويس بدلايل ڊڪٽيٽرشپ آهي۔
رياست جي طرف کان ڪيپٽلزم جي ان خدمت جو مطلب آهي۔مخالف طبقن يعني هارين۔مزدورن ۽ دانشورن کي دٻائڻ ۽ انهن جي تحريڪ کي چٿڻ۔
اڄ جي ماڊرن دور ۾ رياست مناپوليز جي مفاد ۾ معشيت کي ڪنٽرول ڪري ٿي۔ان ريت ڪري رياست نه صرف مناپوليز کي اهو موقعو ڏيئي ٿي ته هو نه صرف پاڻ پنهنجي ناڻي(ڪيپٽل) کي پنهنجي پنهنجي فائدي جي لاء موڙي چڏي۔بلڪ هو ان کي رياستي خزاني کي به استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيئي ٿي جيڪو آبادي تي ٽيڪس هڻي ڀريندو وڃي ٿو۔جيتوڻيڪ ماڊرن رياست سپر نفعن کي پمپ ڪرڻ جي هڪ مشين آهي۔
رياست هر شيء کي سرمائيدارن ۽ اميرن جي نگاه سان ڏسي ٿي۔هو انهن تي عنائيتون نچاور ڪري ٿي ۽ انهن کي ئي سمورا حق ڏيئي ٿي۔هو ملڪ جو نظام انهن جي حوالي ڪري ٿي ۽ انهن مزدورن کي ڦڏائي قرار ڏيئي ٿي جيڪي پنهنجن حقن جي لاء اٿي پوندا آهن۔اهو سچ آهي ته اسٽيٽ اهو بيان ڪري ٿي ته هو فيڪٽري مالڪن ۽ مزدورن ٻنهيء جي ڀلائي کي برابري جي طور تي پنهنجي دل جي ويجهو رکي ٿي۔مگر انڌي کي به پتو هوندو آهي ته اهي اجايا سجايا لفظ آهن۔
ان ڪري رياست عام ماڻهو جي لاء ماء ناهي هوندي بلڪ اها صرف مٿين طبقن جي ماء هوندي آهي۔عوام جي لاء يعني هيٺين محڪوم طبقي جي لاء ته اها ڏائڻ هوندي آهي۔
اهو ضرورياهي ته رياست ۽ قوم جون سرحدون هڪ هڪهجن۔مثلا۔جرمن قوم ڪافي عرصي تا ئين ٻن قومن ۾ ورهايل رهي۔ساڳيو حال ويٽنام جو رهيو مقصد ته رياست جون حدون گهٽبيون وڌنديون رهن ٿيون۔مثلا اڄ هندستان جون سرحدون اهي ناهن جيڪي ١٩٧٤ءکان اڳ هيون۔پاڪستان جون سرحدون اڄ اهي ناهن جيڪي ١٤آگسٽ ١٩٧٤ ۾ هيون۔مگر سرحدن جي ڀيٽ ۾ قومن ۽ تهذيبن جون حدون نهايت مشڪل سان بدلبيون آهن۔
ڪن رياستن ۾ هڪ ئي قوم آباد هوندي آهي۔جيئن جاپاني قوم۔اثلي ۾ اثالين قوم ۽ فرانس ۾ فرنچ قوم۔اهڙين رياستن کي قومي رياست سڏيو ويندو آهي۔ليڪن ڪن رياستن ۾ هڪ کان وڌيڪ قومون آباد هونديون آهن۔جيئن ڪئنيڊا ۾ برطانوي ۽ فرانسيسي هوندا آهن۔پاڪستان ۾ بلوچ۔سنڌي۔پختون ۽ پنجابي وغيره قومون۔
جديد رياست هڪ آفيسرشاهاڻي درندو هوندي آهي۔جيڪا محنت ڪش طبقي جي پيدا ڪيل دولت جي تمام وڏي حصي کي واڳون جيان ڳڙڪائي ويندي آهي۔رياست استحصال جو هڪ بيدرد هٿيار آهي۔
محنت ڪش ان جدوجهد ۾ هوندا آهن ته رياست کي پنهنجن هٿن ۾ وٺي چڏين۔مقصد ته نجي ملڪيت جوخاتمو ڪرڻ هوندو آهي۔محنت ڪش بورزوازي کي ڪڍي ڪري پنهنجو سياسي اقتدار قائم ڪرڻ جي جدوجهد ڪن ٿا۔
انارڪسٽ چون ٿا ته اسٽيٽ کي ڪجه نه چيو وڃي چو ته اها هڪ فضول ايجاد ۽ بيڪار هٿيار آهي۔اسان کي ان سان ڪو مٿي جو سور نا هئڻ گهرجي۔اها هڪ ناپاڪ شيء آهي ان ڪري انهيء کي هٿ نه هنيو وڃي۔
بورزوازي چون ٿا ته اها مقدس آهي ان ڪري انهيء کي هٿ نه لاتو وڃي۔مگر انقلابي چون ٿا ته ان کي نه صرف چهيو وڃي بلڪ ان کي پنهنجن هٿن ۾ ورتو وڃي۔ان تي قبضو ڪيو وڃي۔ان کي پنهنجن طبقاتي مفادن جي حاصلات جي لاء استعمال ڪيو وڃي ته جيئن نجي ملڪيت جو خاتمو ڪري سڱهجي ۽ محنت ڪش طبقو پنهنجو چوٽڪارو حاصل ڪري۔محنت ڪشن بو سياسي اقتدار۔۔۔موجوده بورزوا رياست جي ڀيٽ هڪ وڌيڪ جهموري رياست قائم ڪري ٿو۔
١۔واپس گهرائڻ جو حق عوام کي ڏئي ڪري سمورن آفيسرن کي آزاداڻي چونڊ جي وسيلي چونڊيو وڃي۔
٢-هڪ هنرمند مزدور کان ڪنهن به آفيسر جي اجرت وڌيڪ نه هجي۔
٣-هٿياربند عوامي مليشيا فوج جي جڳه وٺي چڏي۔
ان ڪري پرولتاريا جي اسٽيٽ اصل ۾ اسٽيٽ ناهي هوندي۔بلڪ اڻپوري اسٽيٽ هوندي آهي۔انهيء ڪري ته ڀورزوا اسٽيٽ ته عوام کان پاڻ کان ويڳاڻو ڪندي وڃي ٿي۔عوام جي مخالفت ڪري ٿي ۽ عوام کي بالادست طبقي جي هيٺان رکي ٿي۔مگر پرولتاريا واري اسٽيٽ مڪمل طور تي عوام جي مفادن جو اظهار ڪري ٿي۔اها پوري رياست هوندي آهي۔اها رياست مستقبل ۾ ڪميونسٽ ريپبلڪ جي لاء جڳه خالي ڪندي ويندي۔ايستائين ته اها بحيثيت رياست پنهنجو وجود وڃائي چڏيندي۔
نيٺ جڏهن رياست سچ پچ سموري سماج جي نمائنده بڻجي ٿي ته ان وقت سندس ضرورت باقي نٿي رهي۔يعني ڪو اهڙو طبقو ڀاقي ئي نٿو رهي جنهن کي محڪوم بڻائي ڪري رکيو وڃي۔طبقاتي تسلط ۽ انفرادي زندگي جي بقاء واري جدوجهد جيڪا پيداوار جي جاهلاڻي طور تي مشتمل هوندي آهي ۽ ان سان گڌ سندس ڪک کان پيدا ٿيڻ وارا جهيڙا ۽ ٽڪراء ۽ زيادتيون سڀ ختم ٿي وڃن ٿيون۔ڪا اهڙي شيء باقي نٿي رهي جنهن تي ڏاڍ ڪيو وڃي۔۽ ان لاء رياست بحيثيت ڏاڍي قوت جي پچاڙي وارو ڪم اهو ڪري ٿي ته سماج جي نالي تي سمورن پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ٿي ۽ رياست جي حيثيت سان سندس اهائي آخري خدمت آهي۔
هاڻي سماجي تعلقات ۾ رياست جي مداخلت غير ضروري هوندي آهي ۽ نيٺ اها ختم ٿي وڃي ٿي۔البته رياست جو هڪدم “خاتمو” نٿو ٿيئي بلڪ ان بو ٻوٽو هوريان هوريان پاڻ سڪي وڃي ٿو۔
مزدور طبقو رياست کان جيترا ڏينهن به ڪم وٺي ٿو۔اهو آزادي جي خاطر نه بلڪ پنهجن دشمنن جو مٿو چٿڻ جوڪم هوندو آهي ۽ جيئن ئي آزادي جو امڪان پيدا ٿي ويندو آهي۔رياست جي حيٽيت سان رياست جو خاتمو ٿي وڃي ٿو۔
اهو زمانو ترقي يافته ڪميونزم جو هوندو۔رياست صرف ان وقت وکري وڃڻ جي قابل هوندي آهي۔جڏهن عوام بنيادي اصولن تي هلڻ با عادي ٿي وڃن ۽ اهي پنهنجين صلاحيتن جي مطابق ڪم ڪري رهيا هجن ۽ پيداوار جي ورهاست انهن جي ضرورتن جي مطابق ٿي رهي هجي ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو