روهڙي(ن س) روهڙي جي علائقي سرڪاري ڪانٽي ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ بخش ڪٽپر واسي 45 ورهين جو نوجوان نويد ڪٽپر ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي جهانگڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرالر ۽ ان جي ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد تعلقه اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو. وارثن موجب نويد ڪٽپر پورهيت هو، جيڪو پنهنجي سؤٽ کي روهڙي ڇڏي واپسي ڳوٺ پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته رستي ۾ افسوسناڪ حادثي جو شڪار بڻجي ويو. ذريعن موجب فوتي پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ هو، جنهن جي اوچتي وڇوڙي سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي ۽ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي. مقامي ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ڪانٽي واري هنڌ تي اڪثر ٽريفڪ حادثا پيش ايندا رهن ٿا. سندن دعويٰ آهي ته ڪجهه ڊرائيور ڪانٽي جا خرچ بچائڻ خاطر گاڏيون تيز رفتاري سان هلائيندا آهن، جنهن سبب اهڙا المناڪ حادثا جنم وٺندا آهن. علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائي انساني جانيون بچائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.هوڏانهن روهڙي ويجهو دبر ٿاڻي جي حد اندر قومي شاهراهه تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو. ذريعن موجب، هٿياربند مبينا طور ڦر جي ارادي سان قومي شاهراهه تي بيٺل هئا. موٽر سائيڪل نه بيهارڻ تي هنن زاهد جتوئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. زخمي زاهد جتوئي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ سکر منتقل ڪيو ويو، جتي هو هڪ نجي اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.وارثن الزام لڳايو آهي ته واقعي کانپوءِ ايس ايڇ او زخمي کي بروقت اسپتال منتقل نه ڪيو، جنهن سبب وڌيڪ رت وهڻ ڪري سندس حالت خراب ٿي وئي ۽ هو زندگي جي جنگ هارائي ويٺو. وارثن اهو به الزام هنيو آهي ته پوليس طرفان ضروري پوليس ليٽر پڻ وقت سر جاري نه ڪيو ويو، جنهن سبب علاج جي عمل ۾ دير پيش آئي. پوليس واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته وڌيڪ ڪارروائي جاري آهي.










